ٽنڊو ڄام

سنڌ يونيورسٽي ملازمن لاءِ خوشخبري، پلاٽن لاءِ درخواست فارم خميس کان جاري ٿيندا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
university-sindh-سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ملازمن لاءِ خوشخبري اها آهي ته وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل هائوسنگ سوسائيٽي فيز 3 بابت جوڙيل ڪاميٽي کي پلاٽن جي فوري الاٽمينٽ لاءِ اڄ کان درخواست فارم گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن اهڙو حڪم الاٽمينٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڏنو. تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن کي پنهنجو ذاتي اجهو فراهم ڪرڻ لاءِ وائيس چانسيلر ڊاڪٽر نذير اي مغل لاڳاپيل ڪاميٽي کي هائوسنگ سوسائيٽي فيز 3 ۾ پلاٽ حاصل ڪندڙ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کان اڄ (خميس ڏينهن)کان درخواست فارم گهرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وائيس چانسيلر هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪاميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وائيس چانسيلر هائوسنگ سوسائيٽي فيز 3 تي ڪم تيز ڪرڻ جو ڪم ڏنو ته جيئن ملازمن کي وقت سر پلاٽ ملي سگهن. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل ڪاميٽي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اڄ کان ئي پلاٽ حاصل ڪرڻ جي خواهشمندن کان درخواست فارم ورتا وڃن، جڏهن ته رجسٽريشن فيس جمع ڪرڻ لاءِ بينڪ ۾ اڪائونٽ پڻ اڄ ئي کولرايو وڃي. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ڪو به ملازم پنهنجي ذاتي اجهي لاءِ فيز 3 ۾ ملندڙ پلاٽ وڪرو ڪري نه سگهندو، جنهن به ايئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان جي الاٽمينٽ رد ڪئي ويندي. ڊاڪٽر مغل موجب هو نه ٿو چاهي ته ملازم پنهنجا پلاٽ وڪرو ڪن پر هو پنهنجا گهر ٺهرائي پنهنجن ٻچن لاءِ ڇت فراهم ڪن ته جيئن کين اڳتي هلي تڪليف نه ٿئي. واضح رهي ته ڊاڪٽر نذير اي مغل جي ڏينهن رات جي ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان يونيورسٽي جي زمين مان ملازمن جي هائوسنگ سوسائيٽي فيز 3 لاءِ 300 ايڪڙ منظور ڪيا هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button