جسقم چئيرمين جي رت جا جزا تبديل ڪري ڪوڙي رپورٽ خلاف باڊھ ۾ ھڙتال
1 مئی ، 2013آخري ڀيرو ايڊيٽ ٿيل 1 مئی ، 2013
0 ھڪ منٽ کان گھٽ
عبدالمجيد جهتيال باڊهه جسقم چئيرمين جي رت جا جزا تبديل ڪري ڪوڙي رپورٽ خلاف باڊھ ۾ ھڙتالجسقم چئيرمين جي رت جا جزا تبديل ڪري ڪوڙي رپورٽ جاري ڪرڻ توڙي انصاف ۾ رنڊڪون وجھڻ واري عمل خلاف جسقم جي مرڪزي سڏ تي باڊهه شهر ۾ به مڪمل طور تي شٽر بند ۽ فيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي. جنهن سبب باڊهه شهر ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو جڏهن ته گاڏيون روڊن تان غائب رهيون هڙتال دوران شهر پوليس انتظاميه هاءِ الرٽ رهي ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس اهلڪارن کي شهر جي مکيه چوڪن تي مقرر ڪيو ويو.