صحت ۽ زندگي
ايڇ آر ڊي ايس پاران شهدادڪوٽ ۾ڳورھاري ڳوٺاڻن عورتن ۾ ڊليوري ڪٽس جي مفت ورهاست
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شهدادڪوٽ
شهدادڪوٽ ۾ ايڇ آر ڊي ايس ۽ پئمان يُو ايس ايڊ پاران مختلف ڳوٺن جهڙوڪ مير جي نري،غيباڻا،چنگل پانڌا ۽ قمبراڻي ۾ ڪلين اسٽار ڊليوري ڪٽس ورهايون ويون. ان موقعي تي ايڇ آر ڊي ايس جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينٽر جاويد شيخ ۽ ٻين اڳواڻن ناديه وڌو ۽ اسلام بوزدار ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ هر سال ويم دؤران هزارين عورتون فوت ٿي وڃن ٿيون.ايڇ آر ڊي ايس پاران ڊليوري ڪٽس ورهائڻ جو مقصد ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي بهتر بنائڻ آهي.ان موقعي تي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ويم دؤران صابڻ سان هٿ ڌوئڻ گهرجن،نئون بليڊ استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ تازي ڄاول ٻار کي صاف سٿري جڳهه تي رکي ان کي فوري طور تي خشڪ ڪرڻ گهرجي