مختصر خبرون
		
	
	
اليڪشن ۾ عورتن جو وڏو ڪردار هوندو ، بابن خان پنهور
نويد قريشي، دادو
 پي.ايس 74 جي آزاد اميدوار بابن خان پنهور، اين.اي 232 جي آزاد اميدوار پرويز ڀرٽ  ڪئيمپ آفيس ۾ عورتن کي خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ۾ عورتن جو وڏو ڪردار هوندو عورتون ان اميدوار کي ووٽ ڏين جيڪي عورتن جي حقن ۽ تعليم لاءِ آواز اٿارين اسان ڪامياب ٿي عورتن جي حقن ۽ تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪنداسين تقريب کي پي.ڊبليو.او جي چئرمين الطاف احمد پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو
 
				