اليڪشن 2013ھنڱورجا

ھنڱورجا: پ پ پ جا پراڻا ڪارڪن فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شامل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
تعلقي صوڀوديرو جي اهم شخصيتن پنهنجيون پارٽي وفاداري تبديل ڪندي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو تفصيل موجب صوڀوديرو تعلقي جي اهم سياسي شخصيتن پي پي جي ضلعي خيرپور جي اطلاعات سيڪريٽري ۽ اڳوڻي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ جو ويجهو ساٿي حاجي شهداد خان ڀاڳت ، پي پي يوسي سڳيون جي صدر غلام قاسم کوکر صوڀوديرو يوسي جي اڳوڻي يوسي نائب ناظم مير عنايت ٽالپر پي پي کي الوداع چئي اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ جي اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري پي ايس 34 جي اميدوار سيد اسماعيل شاهه راشدي جي موجودگي ۾ مسلم ليگ فنڪشنل سان پنهنجو ناتو جوڙي ڇڏيو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button