مختصر خبرون

ھنڱورجا: ٽنڊومستي مان اغوا ٿي ويل هنڱورجا واسي جسقم ڪارڪنن اڃان تائين بازياب نه ٿيا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
ٽنڊومستي مان اغوا ٿي ويل هنڱورجا واسي جسقم ڪارڪنن سراج ميمڻ ۽ گسٽا اڳواڻ هاشم ميمڻ اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب نه ٿي سگهيا جڏهن ته پوليس انتظاميه به عام چونڊن جي انتظامن سبب مغوين جي بازيابي لاءِ غير سرگرم نظر اچي ٿي جنهن جي ڪري مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي جڏهن ته عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پڻ مغوين جي وارثن کي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪيترائي ڀيرا مدد ڪرڻ جي يقين ڏياريو ھئو هوڏانهن مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته اليڪشن هجڻ ڪري سموري پوليس انتظاميه جو ڌيان عام چونڊن ۾ هجڻ ڪري اسان جي ٻچڙن جي بازيابي لاءِ ڪنهن به سنجيده ڪوشش نه ڪئي جنهن ڪري اڄ 13 ڏينهن گذري ويا آهن خبر ناهي اسان جا اغوا ٿي ويل ٻچا ڪهڙي حال ۾ هوندا خدا جي واسطي اسان کي پنهنجا ٻچا بازياب ڪرائي ڏنا وڃن. هوڏانهن مغوين کي 13 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس اڃا تائين حد بندي جي تقرار سبب ڪيس داخل ناهي ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button