ڌھرڪي

ڀرچونڊي جي پيرن جي جسقم ڪارڪنن مٿان فائرنگ، ٻه ڪارڪن زخمي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڏهرڪي
جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڪالھ سڄي سنڌ جيان ڏهرڪي شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي جنهن سبب ڏهرڪي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا جڏهن ته دوڪان بند ڪرائڻ تان جسقم جي ڪارڪنن ۽ ڀرچونڊي شريف جي پيرن ۾ منهن ماري پڻ ٿي جنهن تان ڀرچونڊي شريف جا پير هٿياربندن کي ساڻ ڪري جسقم جي ڪارڪنن مٿان حملو ڪري فائرنگ پڻ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ جسقم جا ٻه ڪارڪن امتياز ڀٽو ۽ خان ڏهر زخمي ٿي پيا جڏهن ته حملو ڪندڙفرار ٿي اطلاع تي ڏهرڪي پوليس پهچي زخمين کي ڏهرڪي جي تعلقه اسپتال پهچايو ان موقعي تي سوين قومپرست ڪارڪن سميت سوين شهري سرڪاري اسپتال پهچي ويا جتي زخمي امتياز ڀٽو جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس رحيميارخان نيو ويو ان موقعي تي جسقم اڳواڻن ميرحسن لاشاري،خان ڏهر،رفيق حيدر شر ۽ ٻين ٻڌايو ته جسقم جي هڙتال دوران ڀرچونڊي شريف جي پيرن ميان عرفان احمد ساٿين سان گڏجي اسان جي ڪارڪنن مٿان حملو ڪري اسان جي ٻن ڪارڪنن کي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا جڏهن ته ڏهرڪي پوليس حملو ڪندڙن کي ڏسندي رهي پر ڪابه ڪاروائي نه ڪئي جنهن سبب حملي آوور آساني سان فرار ٿي ويا هنن مطالبو ڪيو ته حملي آوورن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسين احتجاج مظاهرن ۽ ڌرڻن جو اڻکٽ سلسلو شروع ڪنداسين هوڏانهن ڏهرڪي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button