اليڪشن 2013ھنڱورجا

پ پ بينظير جا قاتل نه پڪڙي سگھي، ھاڻي ڪهڙي منهن سان پ پ اميدوار ووٽ گھرن ٿا، ڪاظم علي شاھ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

پ پ  بينظير جا قاتل نه پڪڙي سگھي، ھاڻي ڪهڙي منهن سان پ پ اميدوار ووٽ گھرن ٿا، ڪاظم علي شاھ
پ پ بينظير جا قاتل نه پڪڙي سگھي، ھاڻي ڪهڙي منهن سان پ پ اميدوار ووٽ گھرن ٿا، ڪاظم علي شاھ
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو آهي ته 11 مئي تي تڪ جو عوام گل جي نشان تي ٺپو هڻي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندو ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ نويد چاچڙ، اعجاز سولنگي، عبدالخالق جتوئي، غلام محمد شر، عبدالرحمان ناريجو، شير خان ناريجو، سردار سڪندر خان ناريجو، يار محمد ناريجو ، دلشان عباسي، ايڊوڪيٽ شوقت ڀنڊ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هن چيو ته پي پي پنج سالن جي دور حڪومت ۾ پنهنجي قائد بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي وري ٻيهر ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ لاءِ پي پي جا اميدوار اچن ٿا. هن چيو ته اسان سورهيا بادشاهه جي قافلي ۾ شامل آهيون جنهن انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪاوي ۽ هاڻي وري موجوده پير پاڳارو سنڌ جي حفاظت لاءِ ميدان عمل ۾ نڪتل آهي هن چيو ته سنڌ امڙ جو سودو ڪندڙن جو 11 مئي تي اهڙو حشر ڪنداسين جو اهي 11 مئي تي ڳوليا به نه لڀندا. ان موقعي تي ناريجا، جتوئي ، سولنگي، چاچڙ، ڀنڊ، عباسي، شاهاڻي ، لاڙڪ سميت پنجاهه برادرين فنڪشنل ليگ جي حمايت جو اعلان ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button