اليڪشن 2013شهدادڪوٽ

پي ايس 40 تڪ تي پيپلز پارٽي وارن رڪارڊ ڌانڌليون ڪرايون، ناهيد کهاوڙ

ضميرکرل،شهدادڪوٽ

ناهيد کهاوڙ
ناهيد کهاوڙ
شهدادڪوٽ جي پي ايس 40 تڪ جي اميدوار ناهيد کهاوڙ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيئر اينڊ فري اليڪشن ڪرائڻ واري اعلان باوجود پي ايس 40 تڪ تي پيپلز پارٽي وارن رڪارڊ ڌانڌليون ڪرايون آهن،کهاوڙ هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ناهيد کهاوڙ وڌيڪ الزام هنيو ته تڪ جي سمورين پولنگ اسٽيشنز تي سرڪاري مشينري جو استعمال ڪندي پوليس عملدارن ، سرڪاري آفيسرن، پرزائيڊنگ آفيسرز کي خريد ڪري انهن وسيلي پنهنجي نشان تي ٺپا هڻايا ويا،هن چيو ته پيپلز پارٽي وارن ڌانڌليون ڪرائي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي،ناهيد کهاوڙ الزام هڻندي وڌيڪ چيو ته عوام مٿان اثر انداز ٿيڻ لاءِ ڀوتارن،۽ بااثر ماڻهن کي پولنگ اسٽيشنز اندر ويهاريو ويوهئو جن هنن جي ماڻهن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ نه ڏنوآهي،سندس چوڻ هو ته اهڙين ڌانڌلين جاثبوت پڻ وٽن موجود آهن جيڪي هو اليڪشن ڪميشن ۽ ڪورٽ ۾ پيش ڪندا،ناهيد کهاوڙ گهر ڪئي ته پي ايس 40 تڪ جا چونڊ نتيجا رد ڪري ڄاڻايل تڪ تي فوج جي نگراني هيٺ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button