اليڪشن 2013ٽنڊو محمد خان

ٽنڊومحمد خان ۾ پي پي جي اميدوارن کي برتري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٽنڊومحمدخان
آخري اطلاعن تائين ٽنڊومحمدخان ۾ ٻن صوبائي ۽ هڪ قومي سيٽ لاءِ پ پ جو سيدنويد قمر 242 مان 86 پولنگ اسٽيشنز مان 41985 ووٽ کڻي سرسي ۾ آهي سندس مقابلي ۾ فنڪشنل ليگ اميدوار پيرسجاد جان سرهندي 13157 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي ، جڏهن ته پي ايس 53 تي 110 پولنگ اسٽيشنز مان 57 پولنگ اسٽيشنز ۾ 20484 ووٽ کڻي پهرين ۽ فنڪشنل ليگ جو ميرعنايت علي خان 12842 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي ، پي ايس 54 تي 33پولنگ اسٽيشنز تي پ پ جو اميدوار عبدالڪريم سومرو 12490 کڻي پهرين نمبر تي سندس مقابلي ۾ آزاد اميدوار سيد پاشا شاهه شيرازي 1627 ووٽ کڻي بئي نمبر تي آهي اهي نتيجا غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري آهن سرڪاري نتيجا اڃا باقي آهن .

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close