مورو

واپڊا گرڊ اسٽيشن جي انچارج جو شهرين ۽ امن ڪاميٽي جي اڳواڻن کي ڌمڪيون

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
WAPDA”تون ڇا ڪندين، تون ڇا ڪندين“ واپڊا گرڊ اسٽيشن جي انچارج جو شهرين ۽ امن ڪاميٽي جي اڳواڻن کي ڌمڪيون، مورو جي شهرين ۽ امن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ميمبرن امير علي سرهيو ۽ ٻين پاران بجلي جي بند ٿيڻ جو سبب معلوم ڪرڻ تي گرڊ اسٽيشن جي انچارج عبدالڪريم خاصخيلي پاران غلط ۽ گٿا الفاظ، شهرين ۽ امن ڪاميٽي جو احتجاجي مظاهرو، پريس ڪانفرنس، گرڊ جي انچارج کي هٽائي ڪو با اخلاق ٻيو انچارج مقرر ڪيو وڃي شهري ۽ امن ڪاميٽي جا اڳواڻ، مورو گرڊ اسٽيشن جي انچارج کان شهرين ۽ امن ڪاميٽي جي اڳواڻن پاران بجلي کي 4 ڪلاڪن تائين بند ڪرڻ جو سبب معلوم ڪرڻ تي گرڊ اسٽيشن جي انچارج عبدالڪريم خاصخيلي پاران شهرين ۽ امن ڪاميٽي جي اڳواڻن سان فون تي مُنهن ماري گٿا ۽ غلط الفاظ تون ڇا ڪندين تون ڇا ڪندي جون ڌمڪيون، ٻئي طرف گرڊ اسٽيشن جي انچارج عبدالڪريم پاران شهرين ۽ امن ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ اڳواڻن سان غلط لفظ ڳالهائڻ ۽ انهن کي گٿا لفظ ڳالهائڻ تي امن ڪاميٽي مورو جي اڳواڻن بدرالدين ميمڻ، شمس الدين سرهيو، خادم حسين کوسو، عبدالحفيظ شيخ، محمد اسلم آرائين، عزيز چانڊيو، عبدالرزاق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان شهري وڏي عذاب ۾ آهيون مورو شهر ۾ بنا ڪنهن سبب جي 16 کان 20 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي جيڪڏهن ڪير انهن کان بجلي بند ڪرڻ جو سبب معلوم ڪري ٿو ته واپڊا گرڊ اسٽيشن جو انچارج يا اتي موجود عملو ماڻهن شهرين سان سٺي نموني پيش نه ٿو اچي ۽ اهي غلط ۽ گٿالفظ ڳالهائي فون بند ڪري ڇڏين ٿا اهڙو عمل هنن جو روز جو معمول بڻيل آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا هنن چيو ته اڄ 3 بجي کان بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي جيڪا مڪمل 4 ڪلاڪن تائين بند رهي جڏهن ته واپڊا پاران 2 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرڻي آهي وڌيڪ بجلي بند ٿيڻ جو سبب معلوم ڪيو ته گرڊ اسٽيشن مورو جي انچارج شهرين ۽ امن ڪاميٽي جي اڳواڻ امير علي سرهيو سان غلط نموني پيش آيو ۽ ان کي گٿا لفظ ڳالهائڻ لڳو ۽ هو هر شريف شهري سان بدتميزي سان پيش اچي ٿو ۽ جيڪو به ان کان بجلي جي باري ۾ معلومات وٺي ٿو ته ان کي هو غلط الفاظ ڳالهائي ٿو ۽ گاريون ڏئي ٿو هنن چيو ته اسان شهري مورو واپڊا وارن کان تنگ ٿي چڪا آهيون جن غير قانوني بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪري اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هتي نه اسان پاڻي کي پاڻي جي سهولت ملي ٿي نه وري اسان کي مسجدن ۾ وضو ڪرڻ جي لاءِ پاڻي ملي ٿو ان جو سبب بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ آهي هنن مطالبو ڪيو ته هن گرڊ اسٽيشن جي انچارج کي هٽائي هن جي جاءِ تي ڪنهن سٺي ۽ با اخلاق انچارج کي مقرر ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪري واپڊا جو گهيراءٌ ڪنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button