ھنڱورجا

هنڱورجا ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ 18 ڪلاڪن تائين پهچي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ 18 ڪلاڪن تائين پهچي وئي ڊگهي لوڊ شيڊنگ ماڻهن کي ذهني مريض ڪري ڇڏيو آهي غير اعلانيل لوڊ شيڊنگ جي ڪري اٽي جو چڪيون ، آئيس فيڪٽريون سميت ٻيو بجلي تي هلندڙ سمورو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي برف جيڪا 5 روپيه ڪلو ملندي هئي اها هاڻي 30 روپيه ڪلو ملي ٿي بجلي جي لوڊ شيڊنگ جي ڪري شهر جي مختلف محلن ۾ سيد ، چانگ، شيخ ، ميمڻ ، گلال، سومرا سميت ٻين محلن جي گهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي به اڻ لڀ ٿي ويو آهي ۽ شهر ۾ جيترو ٽائيم بجلي هلي ٿي اها به تمام گهٽ وولٽيج هجڻ ۽ ٽرپ ٿيڻ ڪري شهر جي اندر ڪيتريون اليڪٽرانڪ جو سامان سڙي ويو آهي جنهن ۾ استري، بلب، فرج ، پکا، ٽي وي ۽ ٻيو سامان شامل آهي. بجلي جي غير اعلانيل لوڊ شيڊنگ جي خلاف شهري اتحاد جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ، اسلم ميمڻ، عزيز ميمڻ، غلام حسين ۽ ٻين چتاءُ ڏنو آهي ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ ختم نه ڪرائي وئي ته سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button