مختصر خبرون

ن ليگ اڳواڻ جو ڀائٽيو ۽ پرائمري استاد 4 ڏينهن کان گم

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو شهر جي محمدي محلا وارڊ نمبر 20 جو رهواسي ن ليگ اڳواڻ عبدالستار مغل جو ڀائيٽيو ۽ پرائمري استاد 4 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ، مورو ٿاڻي تي نا معلوم ماڻهن تي اين سي داخل، ماءُ کي بي هوشيءَ جا دورا، گهر ۾ ڏک واري صورتحال ڇانيل، تفصيل موجب؛ مورو شهر جي وارڊ نمبر 20 محمدي محلا جو رهواسي ن ليگ اڳواڻ عبدالستار مغل جو ڀائيٽيو 32 سالن جو پرائمري ماستر ساجد رحمان مغل گذريل 4 ڏينهن کان گم آهي جنهن جي گم ٿيڻ جي مورو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي پر ان جو هن مهل تائين ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي ان موقعي ن ليگ اڳواڻ عبدالستار مغل ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجو ڀائيٽيو ڪجھ ڏينهن کان لاپتا آهي جنهن کي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن سميت مٽن مائٽن دوستن وٽ پڻ معلومات ورتي آهي ۽ هر هنڌ ان جي ڳولا ڪئي آهي پر ان جو ڪٿي به ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي اسان کي شڪ آهي ته اسان جي نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي جنهن جي اسان مورو ٿاڻي تي نا معلوم ماڻهن مٿان اين سي پڻ داخل ڪرائي آهي گهر ۾ نوجوان جي گم ٿيڻ تي ڏک واري فضا ڇانيل آهي ۽ سندس امڙ کي بي هوشيءَ جا دورا پئجي رهيا آهن هنن چيو ته اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته هو اسان جي نوجوان کي ڳولڻ ۾ اسان جي هر ممڪن مدد ڪن ته جيئن اسان جو نوجوان جلد گهر موٽي اچي ۽ گهر ۾ غم واري صورتحال ختم ٿئي ۽ خوشيءَ ۾ تبديل ٿئي،

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button