مورو

مورو: ”بجلي ٿا بند ڪريو“واپڊا گرڊ اسٽيشن مورو جي انچارج کي مارڪٽ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو

واپڊا ملازم مظاھرو ڪندي
واپڊا ملازم مظاھرو ڪندي
”بجلي ٿا بند ڪريو“واپڊا گرڊ اسٽيشن مورو جي انچارج کي مارڪٽ، سيڪيورٽي گارڊ کي ٻڌي مارڪٽ، ملازمن ۾ ڀاڄ، واپڊا ملازمن جو احتجاجي مظاهرو، تفصيل موجب؛ مورو شهر جي مختلف فيڊرن تي بجلي بند ڪرڻ تي نا معلوم ماڻهن جو گرڊ اسٽيشن تي حملو گرڊ اسٽيشن جي گارڊ جا هٿ ٻڌي مارڪٽ ۽ گرڊ اسٽيشن ۾ موجود انچارج عبدالڪريم خاصخيلي ۽ ان سان گڏ عملي محمد بخش ڪلهوڙو، محمد خان، قمرالدين خاصخيلي کي مارڪٽ ڪري تشدد ڪيو اهڙي عمل خلاف واپڊا جي ملازمن گرڊ اسٽيشن جي اڳيان عبدالڪريم خاصخيلي، محمد بخش ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي واپڊا گرڊ اسٽيشن جي انچارج ٻڌايو ته اسان کي مٿان کان حڪم جاري ٿيل آهي ته بجلي جي 12 ڪلاڪ ٻهراڙي ۽ شهر ۾ 10 ڪلاڪ تائين بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڪرڻي آهي جنهن تي اسان ان حڪم تي بجلي کي بند ڪيو ڪجھ نامعلوم ماڻهو اسان جي گرڊ ڪالوني ۾ داخل ٿي اسان جي گرڊ اسٽيشن جي گارڊ جا هٿ ٻڌي ان کي مارڪٽ ڪئي ۽ بعد ۾ اسان جي گرڊ ۾ داخل ٿي مونتي ۽ منهنجي اسٽاف کي مارڪٽ ڪئي جنهن مان اسان ۽ عملي انهن کان ڀڄي جان بچائي ۽ ايس ڊي او گرڊ کي پڻ لڪائي ان جي جان بچائي اسان انهن ماڻهن مان خطرو آهي ته هو اسان کي جاني نقصان پهچائي سگهن ٿا ان ڪري اسان پنهنجي اعلى آفيسرن کي ۽ حڪومت سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪري ڇڏينداسين

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button