اليڪشن 2013ڪراچي

فوج ۽عدالت الطاف حسين پاران پاڪستان کان الڳ ڪرڻ جي ڌمڪي جو نوٽيس وٺي. معراج الهدى

انڊس نيوز ڊاٽ نييٽ، ڪراچي

 معراج الهدى صديقي
معراج الهدى صديقي
13مئي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي آرمي چيف ۽چيف جسٽس آف پاڪستان کان گهر ڪئي آهي ته هو الطاف حسين طرفان ڪراچي کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ جي ڌمڪي ۽ تشدد واري سياست کي فروغ ڏيڻ واري عمل سميت سموري تقرير جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ اڳتي ڪراچي ۾ جيڪي به واقعا ٿيا ان جي ذميواري الطاف حسين مٿان عائد هوندي. هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته الطاف حسين طرفان ڪراچي کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ واري بيان سان ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر اچي وئي آهي. اهڙي گندي ۽ نفرت انگيز تقرير تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو خاموش تماشائي ڪردار قابل افسوس آهي. جيسيتائين ڌرتي دوست ڌريون موجود آهن الطاف جي اهڙي خواهش ڪڏهن به پوري ڪونه ٿيندي. ان جي هر داداگيري جو مقابلو جماعت اسلامي اڳ ۾ به ڪيو آهي ۽ آئنده به ڪرڻ لاءِ تيار آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button