آرٽيڪل

فقير سائين عبدالعزيز لغاري

استادالعلماءَ اولياءَ درويش صوفي بزرگ شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ مولانا جلال الدين رومي جو پارکو عبدالحق حضرت فقير سائين عبدالعزيز لغاري رحمت الله عليه جي 4 ورسي جي نسبت سان
ليکڪ: رزاق مستوئي
سنڌ اها ڌرتي آهي جنهن جي ڪُک مان اڻ ڳڻين شخصيتين جو جنم ٿيو آهي انهن ئي شخصيتين سنڌ جي مان ۽ رتبي کي اڃا وڌيڪ شان بخشيو آهي سنڌ ۾ جنم وٺندڙن جو مزاج محبت امن ۽ صوفياڻو رهيو آهي ان ڪري ئي تاريخ ۾ انهن جو وڌيڪ ذڪر ٿيندو رهيو آهي ته سنڌ امن محبت اوليائن ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي جن جي شخصيتين سنڌ جي لڄ ۽ ناموس جو ڀرم رکيو آهي انهن جو ليک سونهري اکرن ۾ لکيل ملي ٿو ۽ جن مفادن کي اهميت ڏئي زندگي پوري ڪئي آهي ته انهن کي غداري جا لقب نصيب ۾ آيا آهن محبت امن پيار ۽ سڪون واري سنڌ ۾ جن عزت مان شان وقار حاصل ڪيو آهي انهن جي ئي حقيقي زندگي سمجهي سگهجي ٿي ڀٽائي جي ڀونءَ تي جن به مرتبي وارن جي مالها ۾ جيڪي به نالا شامل آهن انهن ۾ هڪ استادالعلماءَ شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ مولانا رومي جو پارکو تعليمي ماهر اولياءَ درويش صوفي بزرگ حضرت سائين عبدالعزيز لغاري رحمت الله عليه به شامل آهي جنهن جي ولادت مورو ڀرسان ڪچي جي علائقي سنڌوءَ جي ڪناري تي آباد سنڌ جي وڏي ۾ وڏي تاريخي ڳوٺ احمداڻي لغاري ۾ لغاري قبيلي جي نيڪ بزرگ شخص حاجي فيض محمد لغاري جي ڪکن ۾ ٿيو هڪ اندازي موجب سندن ڄم 20 اپريل 1931ع ۾ ٿيو پرائمري تعليم پراڻي گچيري ۾ حاصل ڪئي ۽ 1946 ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائون، ان بعد دادو سيوهڻ واري ڳوٺ مڏ شريڦ ۾ ديني تعليم حاصل ڪيائين، جڏهن ته اميناڻي شريف ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو تفسير تاريخ، فقح حديث منتق علمن جي مهارت ماڻي ان دوران وڌيڪ تعليم جي جستجو ۾ 1950ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ديني تعليم جي لاءِ دارالعلوم جامع رضويه لائل پور(فيصل آباد) ويو پاڻ فصيح زبان هوندو هو ۽ شاگردي واري زماني ۾ ولولا انگيز تقريرون ڪري استادن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقريرون ڪندو رهندو هو، جڏهن اباڻو ڳوٺ ڇڏي اچي مورو شهر آيا ته پاڻ ۽ سندس وڏي ڀاءُ مولوي عبدالرحيم لغاري گڏجي مدرسه انوارالعلوم جو بنياد رکيو ۽ مدرسي ۾ قرآن پاڪ جي تعليم، عربي فارسي جي تعليم ڏيندا رهيا، 1980ع ۾ سندس وڏي ڀاءُ مولوي عبدالرحيم لغاري جي وفات کانپوءِ هن جي من موجود فقيري رنگ جو ظهور ٿيڻ شروع ٿيو ۽ اهو الستي رنگ جيئن پوءَ تيئن وڏندو ويو پاڻ صوفي خيال ۾ مالا مال هيو، مونن ۾ مُنهن وجھي زندگي گذارڻ کان جدوجهد ۾ وڏو ويساھ رکندو هو اڳ کان اڳتي حياتي گهارڻ جو قائل رهيو ماٺ ويهڻ کان منافقي سمجهيائين نوجوانن توڙي عام ماڻهن ۾ رهنمائي ڪندو هو شاڳ عبدالطيف ڀٽائي جي بيتن کي نوجوانن جي منزل آسان ڪرڻ جو سهارو ڪري پيش ڪندو هو سندس آواز ۾ ايڏو ته سرُور ۽ اثر هو جو شعر بيت ۽ رباعيون، مناجاتيون ۽ عارفاڻه ڪلام ماڻهن جي من ۾ بيهجي ويندا هئا ۽ لڱن مان سريرون نڪري وينديون هيون سندس طبعيت ۾ مجنوبيت سمايل هئي عشق جي اهڙي عالم ۾ هليا ويا جو ننڊ ترڪ ڪري ڇڏيائين ۽ ساري رات سبحان جي مصداق جاڳي ۽ جاکوڙيندو رهيو ائين وئي رات تائين ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي نظر پيو ايندو هو پاڻ چوندو هو ته منزل ٻه وکون آهي ۽ دنيا سوڙهي آهي ڪڏهن ڪڏهن وجد ۾ اچي زارو قطار روئندا به هو، پاڻ شاھ عبدالطيف ڀٽائي جا بيت ۽ مولانه جلال الدين رومي جا پارسي شعر اهڙي ته سريلي آواز ۾ پڙهندو هو جو انهن جي معنى ۽ مفهوم نه سمجهندڙ گهڻي ادب ۽ سڪون سان ٻڌندا هئا ۽ سائين عبدالعزيز لغاري رح انهن جو ترجمو ڪري سمجهائيندا هئا پاڻ اهڙي روحاني منزل ماڻي هئس جتي بندي ۽ مولا ۾ ڪابه وٿي نه رهندو آهي ظاهر ۾ هلندي ڦرندي ماڻهن جي بنا پيسي حڪمت به ڪندا هئا ڇو ته کين حڪمت جي ڪافي ڄاڻ هئي، صوفي بزرگ جي محبت کي اهميت ڏيندو هو ۽ درگاهن تي حاضري جي لاءِ وڃي پهچندو هو فقير سائين عبدالعزيز جي من ۾ فقيرن سان محبت هئي ۽ ملن سان واسطا ترڪ ڪري ڇڏيا هئائين، فقير سائين عبدالعزيز لغاري پيران پير دستگير بادشاھ سائين عبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه سان عقدت هئي ان ئي سبب ڪري مور شهر جي نيو پلاٽ واري آبادي جو نالو پاڻ دستگير ڪالوني تجويز ڪري رکيائين جيڪا اڄ تائين اها ڪالوني ان نالي سان مشهور آهي پاڻ مدرسي ۽ امام بارگاھ کي ساڳي اهميت ڏيندا هئا گهڻو ڪري علامه اقبال جو هي شعر چوندا هئا ته ”نہ تخت و تاج میں دیکھی نہ لشکر سپاہ میں دیکھی، جو بات مرد قلندر کی بارگاھ میں دیکھی“ فقير سائين عبدالعزيز لغاري دنيا جي تمنا کي ترڪ ڪري ويٺو هو سڀني مطلبي خواهشن کان آجو ٿي رهيو هو سنڌ جي محبت هن جي من ۾ ماڊاڻ مچائي رکيو هو پاڻ ملڪ توڙي عالمي سياست جي مقصدن کان به واقف هو ڪڏهن پنهنجي جذبات اچي چوندو هو هي ملڪ فلاڻي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي اڪثر اهو احساس هوندو هئس ته خدا کي حج مقرر ڪرڻو هو ته اهو نواب شاھ ۾ ٿئي ها جتي آئون ۽ غريب ماڻهون روزانو حج ڪرڻ وڃون ها، فقير عبدالعزيز 20 مئي 2009ع تي هن جهان مان هميشھ جي لاءِ هليو ويو پر سندس ڏسيل رستا اڄ به سڀني جي رحنمائي جي لاءِ موجود آهن پاڻ ڏاڍا حساس به هئا ان ڪري جيئندڻ هر شيءَ تي ڪهل ايندو هئس پان ڪيترائي ڀيرا ڪتن جي ننڍڙن گلرن کي گندي پاڻ يجي وهڪري مان ڪڍي انهن کي گهر کڻي وڃي صاف پاڻي ۾ وهجاريندا هئا ۽ انهن کي چاڌو پاني به ڏيندا هئا روزاني اخبارون وٺي شهر جي مختلف ماڻهن کي ڏئي پڙهائيندا هئا ملڪي توڙي غير ملڪي حالاتن کان ماڻهن کي واقف ڪندا هئا ماڻهن کي نياڻين سميت اولاد جي تعليم لاءِ سمجهائي زور ڀريندا هئا ۽ چوندا هئا ته علم بنا ماڻهن انڌن جي مثل آهي پاڻ حياتي ۾ عام ماڻهو جي لاءِ راه نجات هئا هن جي فڪر ۽ فلسفي توڙي جفا ۽ جاکوڙ کي سمجهڻ وارن جون کوٽ هئي هاڻي اهي ماڻهن هٿ ٿا هڻن جن کيس بروقت سمجهيو نه هو هن جي ويجهي ويهڻ وارن ڪئي ڪرشما به ڏٺا هئا ۽ سندس صحبت ۾ روحاني سڪون به محسوس به ڪندا هئا اڄ 4 سالن جي وڇوڙي جي وٿي پل محسوس ٿي رهي آهي ۽ يادون اڻ مٽ تاريخ جو حصو محسوس ٿيڻ لڳيون آهن، فقير سائين عبدالعزيز لغاري هن دور جو وڏو صوفي بزرگ آهي جنهن جي درگاھ تي ميلو مچي ٿو ۽ سڄي سنڌ توڙي ملڪ مان هزارين عقيدتمند ۽ محبت ڪندڙ اچي گڏ ٿيندا آهن فقير سائين عبدالعزيز لغاري جي دستگير ڪالوني لغاري محلا ۾ اهڙي درگاھ جو جڙڻ به هڪ معجزي کان گهٽ ناهي ڇاڪاڻ ته موجوده دور ۾ ماڻهن کي بک بدحالي بي روزگاري ماڻهن کان جيئڻ جو ويساھ به گهٽجندو پيو وڃي لالچ ٺڳي کي وڏي ٽيڪ ملندي پئي وڃي انهن حالتن ۾ موجوده درگاھ ماڻهن جي اتساھ جو وڏو ذريعو ثابت ٿي آهي پاڻ حياتي ۾ پڻ ماڻهن کي هدايت ڏيندو رهيو ته وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪيو ڇو ته تعليم ۾ تعظيم آهي ۽ تعليم سان ئي زندگي آهي اول پنهنجي ٻچن کي تعليم ڏياريو روزگار سان لڳاوي پنهنجو ۽ ٻچن جو گذران جو فڪر رکو بعد ۾ دنيا جهان ۽ ٻي سٺن عملن کي ترجيح ڏيو اهو ئي سبب آهي ته کيس وڏي مان ۽ مرتبي سان ڏٺو ويو جڏهن ته پاڻ استاد جي حيثيت ۾ جن به شاگردن کي تعليم ڏني اڄ اهي بهترين درسگاهن جا ترقي پسند خيال رکندڙ معلم آهن ۽ ڪيترائي شاگرد درگاهن جا سجاد نشين پڻ آهن پاڻ جن کي به درس ڏنو اٿس اهي منتظم آهن ۽ درسگاهن جي عالمن کي هدايت ڪندو رهندو هو ته ملان نه پر معلم ٿي تعليم عام ڪيو فقير سائين عبدالعزيز لغاري خيالن توڙي عملن ۾ پاڪ هو 80 سال جي عمر تائين کيس ڪابه بيماري نهٿي هئي هن جهان کان الوداع کان اڳ ٻه هفتا اڳ اطلاع ڪندو رهيو ته هاڻي پنهنجي موڪلاڻي آهي هر وقت مختلف درگاهن تي پنڌ ڪند نظر ايندو هو سڳ عبدالطيف ڀٽائي، قلندر لال شهباز، سچل سرمست، صوفي شاڳ عنايت، مخدوم بلاول، مخدوم هنڱورو، مهدي سائين، علي گوهر شاھ، سخي ابراهيم شاڳ، پير بخاري، پيارو سائين فقير سميت داتا جي درٻار درگاه سميت سنڌ ۽ ملڪ جي درگاهن تي حاضري هئي پان قدرت کان جيڪو فقيري ونڊ مليس اهو عام ماڻهن جي ڀلي ۽ بهتري جي لاءِ ڪتب آندائين ان ڪري سندس هزارين مريد عقيدتمند ۽ معتقد آهن جن ڪارمتون ۽ معجزا به ڏٺا ۽ محسوس ڪيو جيڪو زبان مان ڪڍندو هو اهو پورو ٿي ويندو هو هي حقيقي روحاني اولياءَ صوفي بزرگ مست الست درويش هو جنهن جديد دور ۾ ايڏو رتبو ماڻو آهي ۽ علم جا جراھ هوا سندس اولاد ۾ پڻ ساڳيا اثر ۽ خوبيون آهن جن پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي ڪنهن کي به نه رنجايو آهي فقير سائين عبدالعزيز لغاري جي درگاھ جو گادي نشين فقير اختر علي لغاري ۾ به ساڳيون وصفون آهن جنهن ڪري فقير سائين عبدالعزيز لغاري جا هزارين مريد ۽ عقيدت مند ساڳئي حب کڻ ي اچي پهچن ٿا ۽ اميدن وارو فيض حاصل ڪندا رهن ٿا جنهن مقصد ۽ مطلب جا گهرجائو اچن ٿا انهن کي هن درگاھ مان وڏو ونڊ نصيب ٿ.ي ٿو جديد دور ۾ هي درگاھ ماڻهن ۾ حياتي جو نئون ويساھ ۽ اتساھ پيدا ڪري ڇڏيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button