مختصر خبرون

عوام پ.پ.پ مان بيزار ٿي چڪو آهي، ظفر علي شاهه

نويد قريشي، دادو
پاڪستان مسلم ليگ (ن) پي.ايس74 جي اميدوار سيد ظفر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ايس.پي چوڪ کان شاهجهان پارڪ تائين شهرين پاران شاندار استقبال ريلي ۾ عورتن ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي سيد ظفر علي شاهه چيو ته اسان سان گڏ عوامي سمنڊ ڏسي مخالف وائڙا ٿي ويا آهن لياقت جتوئي جي سربراهي ۾ اڄ هي قافلو شهيد مخدوم بلاول کان دادو شهر تائين پهتو آهي عوام پاران ڀرپور موٽ ملڻ مان اهو ثابت ٿيو آهي ته عوام پ.پ.پ مان بيزار ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ مسلم ليگ (ن) سان گڏ آهي 11 مئي تي عوام شينهن تي ٺپو هڻي مسلم ليگ (ن) جي اميدوار کي ڪامياب ڪندو .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button