اليڪشن 2013مٽياري

ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن، ڊپٽي ڪمشنر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مٽياري

ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف  بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام  مڪمل ڪيا پيا وڃن، ڊپٽي ڪمشنر
مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر شفاف بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن، ڊپٽي ڪمشنر
ڊپٽي ڪمشنر مٽِياري جناب فياض حسين عباسي اڄ پنهنجي آفيس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن جنهن تحت ووٽرن کي تحفظ کان علاوه سڀئي گهربل سهولتون فراهم ٿي سگهنديون . ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ايندڙ عام چونڊن جي ڪيل ۽ هلندڙ انتظامن بابت ٻڌايو ته اليڪشن جي انعقاد جي انتظامن کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي ، پاڪ آرمي ۽ پاڪ رينجرس ضلعي ۾ پهچي وئي آهي ۽ انهن طرفان اليڪشن دوران پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون وينديون _ ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته پولنگ عملي کي پولنگ اسٽيشنن تي پهچائڻ ۽ کين واپس وٺي اچڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ ٽرانسپورٽرن کي ڀاڙو ڏنو ويندو جڏهن ته پولنگ اسٽيشنن تي سهولتون فراهم ڪرڻ جو عمل جاري آهي _ فياض حسين عباسي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جتي ڪا به شڪايت درج ڪرائي سگهجي ٿي _ هن چيو ته پولنگ اسٽيشنن جا پريزائينڊنگ آفيسر ڪنٽرول روم سان رابطي ۾ هوندا ۽ هڪ مربوط رابطي جو نظام قائم هوندو._ ڊپٽي ڪمشنر اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ عام چونڊون پر امن ماحول ۾ ٿي وينديون . ان موقعي تي ايس ايس پي مٽياري محمد علي بلوچ نقشي جي مدد سان حساس ، انتهائي حساس ۽ نارمل پولنگ اسٽيشنن بابت ٻڌايو _ هن ٻڌايو ته جامع سيڪيورٽي پلان مرتب ڪيو ويو آهي . هن چيو ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي صورت ۾ ان جي ويڊيو رڪارڊنگ ڪئي ويندي _ ايس ايس پي مٽِياري چيو ته ڪنهن جي به منفي عمل سان قانون حرڪت ۾ ايندو .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button