شهدادڪوٽ

شھدادڪوٽ: سجاول جوڻيجو ۾ ھڪ آپگھات بمبار جي الزام ۾ ھڪ شخص ھٿيڪو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شهدادڪوٽ

شھدادڪوٽ:  سجاول جوڻيجو ۾ ھڪ آپگھات بمبار جي الزام ۾ ھڪ شخص ھٿيڪو
شھدادڪوٽ: سجاول جوڻيجو ۾ ھڪ آپگھات بمبار جي الزام ۾ ھڪ شخص ھٿيڪو
شهدادڪوٽ ويجهو سجاول جوڻيجو پوليس هڪ شڪي موٽر سائيڪل سوار کي پڪڙي ورتو جنهن کان تلاشي بعد قبضي مان عام استعمال جي جيڪٽ ، سرڪٽ، ڪِل ، بال بيرينگ ، ٽائيمر ، پراڻه موبائيل سيٽ، هٿ ڪيا آهن جوابدار پنهنجو نالو آسمين شاه ٻڌايو آهي ۽ ڳڙهي خيرو شهر جو رهواسي آهي جوابدار بغير نمبر پليٽ ياماها موٽر سائيڪل تي چڙهي شهدادڪوٽ طرف کان سجاول جوڻيجو اچي رهيو هو ته سجاول جوڻيجو پوليس مشڪوڪ حالت ۾ پڪڙي ورتو جنهن کان تلاشي ورتي ته ڄاڻايل سامان هٿ آيو سجاول جوڻيجو پوليس بم ڊسپوزل عملي کي طلب ڪري ورتو جنهن معائني ڪرڻ بعد مليل سامان مان ڪو به ڌماڪيدار ماڌو نه هجڻ جي تصديق ڪئي پر هن وٺان هٿ آيل سامان دهشتگردي ( بم ) ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو خليل الرحمن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ فيض الله ڪوريجو جي نگراني ۾ هڪ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي جيڪا جوابدار کان پڇاڳاڇا ڪرڻ بعد رپورٽ پيش ڪندي جنهن کان بعد حتمي راء ٻڌائي سگهجي ٿي ٻئي پاسي جوابدار جي گرفتاري ۽ خطرناڪ سامان جي هٿ ڪرڻ جي اطلاع تي علائقي ۾ سخت خوف و حراس پکڙجي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button