اليڪشن 2013سکر

سکر: ڪچي وارين پولنگ اسٽيشن تي بااثر اميدوارن جي ماڻهن جا قبضا

عمر سومرو، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

خورشيد شاھ ووٽ ڏيندي
خورشيد شاھ ووٽ ڏيندي
سکر ضلعي جي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي ٿيندڙ چونڊ ۾ سکر شهر ۽ ڀرپاسي خاص طور ڪچي وارين پولنگ اسٽيشن تي بااثر اميدوارن جي ماڻهن جا قبصا ۽ ڪنٽرول ڏسڻ ۾ آيو ووٽ جو مجموعي طور تناسب 70 سيڪڙو تائين پهچي ويو پولنگ اسٽيشنن تي سامان جي کوٽ جون شڪايتون ٻڌيون ويون صبح جو ٻهراڙي واري علائقن جي پولنگ اسٽيشن تي گهڻي ڀاڱي رش نظر آئي ساڳي رش وري شهر جي مختلف پولنگ اسٽيشنن تي شام ٿيندي نظر آئي سڀ کان وڌيڪ پولنگ اشٽيشن تي رش نئين پنڊپرائمري اسسڪول پٺاڻ ڪالوني ۽ نمائش گرائونڊ تي يوسي آفيس ۾ قائم ڪيل پولنگ اسٽيشن تي ڏٺي وئي شهر جي گورنمينٽ بوائر هاءِ اسڪول ۾ منجهند تائين 50 سيڪڙو ووٽ پئجي چڪا هئا ايتري قدر جو ساڳي پولنگ اسٽيشن جي پرزائيڊنگ آفيسر ووٽن وارو باڪس فل هجڻ تي ٻڌايو ته اسان وٽ ٻيو باڪس ناهي ان جي کوٽ سبب ان باڪس ۾ پيل ووٽن کي هيٺ دٻائي ووٽ وجهرائي رهيا آهن پولنگ اسٽيشن ٻاهران پوليس سان گڏ رينجرز اهلڪار پڻ موجود هئا شهر جي نئين پنڊ،نئين ڳوٺ پراڻي سکر ،باگڙجي،بچل شاهه مياڻي ۾ اميدوارن جي حامي ووٽرن ۾ منهن ماري ۽ هلڪي مارڪٽ جا واقعا پيش آيا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر واري پولنگ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڌانڌلي ۽ منهن ماري واري واري اطلاع تي اميدوار آغا محمد ايوب شاهه پهچي رٽرنگ آفيسر کان معلومات ورتي بعد۾ آرمي جون ٻه گاڏيون پهچي ويون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button