مختصر خبرون

سکر: پراڻي دشمني هيٺ خانپورمهر واسي نوجوان عبدالغفور مهر قتل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سکر باءِ پاس تي موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن پراڻي دشمني هيٺ خانپورمهر واسي نوجوان عبدالغفور مهر کي قتل ڪري ڇڏيو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي،گهر ۾ روڄ راڙو خبر موجب سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد سٽي باءِ پاس تي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربندن ڪار سورا ر عبدالغفور مهر کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا واقعي کانپوءِ ماڻهو گڏ ٿي ويا جن پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سڃاڻپ ڪئي جنهن کانپوءِ مقتول عبداالغفور مهر جي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو بعد ۾ وارثن پهچي پوليس معرفت سکر سول اسپتال مان مقتول نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش اباڻي ڳوٺ خانپور مهر کڻائي ويا پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني جي نتيجي ۾ پيش آيو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button