اليڪشن 2013شهدادڪوٽ

سنڌ ورهائيندڙ ٻيهر چونڊجي آيا ته هُو ڌرتيءَ تي وار ڪندا، نصرت سحر عباسي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شھدادڪوٽ

سنڌ ورهائيندڙ ٻيهر چونڊجي آيا ته هُو ڌرتيءَ تي وار ڪندا، نصرت سحر عباسي
سنڌ ورهائيندڙ ٻيهر چونڊجي آيا ته هُو ڌرتيءَ تي وار ڪندا، نصرت سحر عباسي
شهدادڪوٽ جي پي ايس 40 تڪ تي فنڪشنل ليگ اميدوار ناهيد واجد کهاوڙ جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسو ڪوٺايو ويو،پارٽي پاران ڪوٽو موٽو چوڪ تي رٿيل جلسي ۾ سوين مردن توڙي عورتن شرڪت ڪئي، ماڻهن جي وڏي ميڙاڪي کي فنڪشنل ليگ جي صوبائي اڳواڻ نصرت سحر عباسي چيو ته ڌرتيءَ ماءُ جو سؤدو ڪرڻ کان پوءِ جشن ملهائيندڙ ٻيهر عوام وٽ پهچي ويا آهن،نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ ورهائيندڙ ٻيهر چونڊجي آيا ته هُو ڌرتيءَ تي وار ڪندا، ڪو به غيرتمند سنڌي ڌرتيءَ ماءُ جو ورهانڱو برداشت نه ڪندو۽ ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي، نصرت سحر عباسي چيو ته پيپلز پارٽيءَ وارن 3 هزارن جي معمولي رقم لاءِ سنڌ جي نياڻين کي در ،در رلايو، سندس چوڻ هو ته ايوانن ۾ اچي تبديلي آڻيندي ۽ ان پروگرام کي پاڳارو انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو ڏيندا ۽ سنڌ جي نياڻين کي با عزت گهر،گهر اهڙي رقم پهچائي نياڻين جي لڄ محفوظ رکندا،هن چيو ته 11 مئي جهاد جو ڏينهن آهي،ان ڏينهن تي سڀني سنڌين کي اپيل ٿي ڪجي ته اهي ميدان ۾اچي ادي ناهيد کهاوڙ سوڌومڙني فنڪشنل ليگ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي ڌتڙيل عوام جي تقدير بدلجي سگهجي،هن چيو ته جڏهن سنڌ جو عوام ٻيهر سنڌ دشمنن کي ووٽ ڏنو ته سنڌ امڙ ۽ تاريخ کين معاف نه ڪندي،پي ايس 40 جي اميدوار ناهيد واجد کهاوڙ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هُو علائقي جي ڏتڙيل عوام لاءِ ميدان ۾ نڪتي آهي،هن چيو ته جهُو عوام جي دردن، مسئلن کي بهتر نموني سمجهي ٿي ڪامياب ٿي روزگار سميت سمورا مسئلا حل ڪندي، ان کان اڳ ناهيد کهاوڙ تڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button