مختصر خبرون

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اڄ مورو ۾ پي ايس 19 ۽ پي ايس 22 ووٽن جي ڳڻپ ڪئي ويندي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اڄ مورو رٽرننگ آفيسر وٽ اڄ پي ايس 19 ۽ پي ايس 22 تي ٻيهر گڻپ ڪرائڻ جي سلسلي ۾ مورو جي رٽرننگ آفيسر وٽ ووٽن جي ٻيهر گڻپ ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن آرمي رينجرس ۽ وڏي تعداد ۾ پوليس جي نفري ڪورٽ جي ٻاهران ۽ اندر مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪورٽ کان اڌ ڪلوميٽر تائين جي فاصلي تي روڊ جا ٻئي پاسا سيل ڪيا ويا ۽ ان طرف گاڏين توڙي ماڻهن جي اچ وڃ تي بندش وڌي وئي آهي ياد رهي ته پي ايس 19 تي پ پ جو اميدوار ممتاز علي ڇانڊيو ۽ اين پي پي جو اميدوار عاقب خان جتوئي ۾ مقابلو ٿيو هو ۽ ان مقابلي ۾ اين پي پي اميدوار عاقب خان جتوئي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جنهن تي پ پ جي اميدوار ممتاز علي چانڊيو ان فيصلي کي قبول نه ڪندي ۽ ڌانڌلي جو الزام هڻندي ٻيهر گڻپ جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ درخواست ڏني هئي ته ووٽن جي ٻيهر گڻپ ڪرائي وڃي جنهن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙو حڪم جاري ڪندي مورو جي رٽرننگ آفيسر قمرالدين اي عباسي کي حڪم جري ڪيو ته ووٽن جي ٻيهر گڻپ ڪئي وڃي جنهن تي اڄ ٻيهر گڻپ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پي ايس 22 تي پ پ جي اميدوار ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر ۽ اين پي پي اميدوار عارف مصطفى جتوئي ۾ مقابلو ٿيو هو جنهن ۾ ٻه دفعا گڻپ ۾ پ پ اميدوار کي ڪامياب ڪرار ڏنو ويو هو ۽ هڪ دفعو اين پي پي اميدوار کي ڪامياب ڪرار ڏنو ويو هو ۽ ان تي اين پي پي اميدوار عارف مصطفا جتوئي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مخالف ڌر جي اميدوار تي ڌانڌلي جو الزام هڻي درخواست داخل ڪئي ته ووٽن جي ٻيهر گڻپ ڪرائي وڃي جنهن تي پڻ اڄ گڻپ ڪئي ويندي ياد رهي ته ڪورٽ جي سامهون گرلس ڪاليج پڻ موجد آهي جنهن ۾ ناين ۽ ڏهين درجي جا پيپر هلي رهيا آهن شاگردياڻين کي پيپر ڏيڻ لاءِ سخت دشواري ڏسڻي پوندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button