مختصر خبرون

دادو ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو دور هلي رهيو آهي، اعجاز ملاح

نويد قريشي ، دادو
دادوــ پي.ايس 74 جي آزاداميدوار اعجاز ملاح ۽ شهري رحمان ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت دادو ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو دور هلي رهيو آهي ۽ پي.ايس 74 جي تڪ تي به اهڙا اميدوار بيٺا آهن جن ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن اڳئي دور حڪومت ۾ به ڪرپشن جا ريڪارڊ ٽٽي ويا هئا هاڻي ائين ٿيڻ هرگز نه ڏبو اڳ ۾ پاڪستان ۽ سنڌ کي جن تباهه ڪيو هئو اهي ڪهڙي اميد ٿا ڪن ته اسان هاڻ ٻيهر اليڪشن کٽينداسين رحمان ملاح وڌيڪ چيو ته مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ الزام هنيان ويا مان ان ڳالهه جي ترديد ڪيان ٿو مون وٽ جيڪا ملڪيت آهي سا منجنهي والد صاحب طرفان مليل آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button