مختصر خبرون

دادو: ڪورائي،گرماڻي،لنڊ،ڪوريجه،چانڊيه برادرين جو ڪٺ

نويد قريشي ،دادو
دادو ڀرسان ڳوٺ الهه بخش ڪورائي ۾ مختلف برادرين ڪورائي،گرماڻي،لنڊ،ڪوريجه،چانڊيه برادرين جو ڪٺ سردار محمدبخش ڪورائي جي صدارت هيٺ ٿيو ڪٺ ۾ ڳوٺاڻن داهون ڪيون ته پ.پ جي پنج ساله دوري حڪومت ۾ اسان کي ڪجهه به نه مليو آهي تنهن جي ڪري اسان هاڻي اهڙي پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڪنداسين جيڪو اسان جا مسئلا حل ڪندو ڪٺ کي ڳوٺ جي چڱي مڙس سردار محمد بخش ڪورائي چيو ته هاڻي مون سوچيو آهي ته سڀ برادريون گڏ ٿي اهڙي اميدوار کي ووٽ ڏيون جيڪو اسان جا مسئلا حل ڪري اسان جي ڳوٺن ۾ روڊ رستا نه آهن نه ئي اڄ تائين بجلي آهي اسان هاڻ ان اميدوار کي ووٽ ڏينداسين جيڪو اسان جا سڀ مسئلا حل ڪندو

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button