دادو

دادو: عورت دارالامان ۾، وارثن پاران اغوا جو شڪ

نويد قريشي، دادو

 مهوش سيال
مهوش سيال
خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ ڪريم داد جي رهواسڻ شادي شده 3 ٻارن جي ماء مسمات مهوش زال اعجاز سيال دادو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ کانپوءِ عدالت کيس دارالامان حوالي ڪيو هو جنهن بعد عورت جي ڏيرن شهزادو سيال،اياز سيال،فياض سيال ڀائرن سليم ۽ وسيم سيال پاران عورت جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي ۽ عورت جي اغواجا ڪوڙا ڊراما ڪري رهيا آهن مهوش سيال ڏيرن ۽ ڀائرن جي ظلم کان تنگ ٿي عدالت ۾ دارالامان موڪلڻ جي درخواست ڪئي هئي عورت عدالت ۾ پيش ٿيڻ وقت بيان ڏنو هو ته مان پنهجي رضا مندي سان ڏيرن ۽ ڀائرن جي ظلم کان تنگ ٿي دارالامان وڃڻ چاهيان ٿي ياد رهي ته عورت جو مڙس اعجاز سيال گذريل ٻن سالن کان سعودي عرب ۾ رهندڙ آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button