مختصر خبرون

دادو:سياسي ڳالهين تان منهن ماري بعد ھڪ ڄڻو زخمي

نويد قريشي، دادو
نيو بس اسٽاپ وٽ سموسه وڪرو ڪندڙ دڪاندار ۽ اڳوڻي ايم.پي.اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ ضلع ڪائونسل جي چيف آفيسر پرويز چانڊيو وچ ۾ ذاتي منهن ماري کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو سموسن جي دڪان ۾ ڀنڃ ڊاهه کان بعد ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني فائرنگ ۾ پرويزچانڊيو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال دادو ۾ داخل ڪيو ويو جتان بعد ۾ کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو معلوم ٿيو آهي ته ٻٻر برادري ۽ پرويز چانڊيو وچ ۾ سياسي ڳالهين تان منهن ماري ٿي بعد ۾ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ پرويز چانڊيو زخمي ٿي پيو، پرويز چانڊيو کي اسپتال داخل ڪرڻ وقت اڳوڻي ايم.پي.اي ڪلثوم چانڊيو ۽ پ.پ جا سوين ڪارڪن اسپتال پهچي ويا

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button