خيرپور

خيرپور: ڪمشنر سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

خيرپور: ڪمشنر سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو
خيرپور: ڪمشنر سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو
ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي ۽ ڊي آءِ جي سکر سلطان احمد خواجه ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري شعبن جي ضلعي سربراهن سان 2013 جي عام چونڊن جي انتظامي توڙي امن امان جي صورتحال جي جائزي وٺڻ جي لاءِ هڪ گڏجاڻي ڪئي. جنهن ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس، تعلقي مختيارڪارن، ايجوڪيشن ورڪس جي ايگزيڪيٽوِ انجنيئر ۽ مختلف تعلقه ايڊمنسٽريشن جي لاڳاپيل عملدارن کي پولنگ اسٽيشن ۽ پولنگ بوٿس جي صفائي سُٿرائي، پاڻي جي فراهمي، لائيٽنگ ۽ ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي لاءِ سختي سان هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي گڏجاڻي کان بعد ۾ ڪمشنر سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر درٻار هال ۾ ضلعي انتظاميه پاران قائم اليڪشن سيل جو پڻ معائنو ڪيو. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، ايس ايس پي خيرپور نويد احمد خواجه، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرس، اسسٽنٽ ڪمشنرس، تعلقي مختيارڪارن، ايجوڪيشن ورڪس، ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي عملدارن، تعليم کاتي، صحت کاتي، سيپڪو، اطلاعات کاتي، نساسڪ ، مختلف ٽي ايم ايز، اين سي ايڇ ڊي، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪئمپس خيرپور ۽ ٻين مختلف لاڳاپيل شعبن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button