حيدر آباد

حيدرآباد: پولنگ عملي اليڪشن هاڻي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ڏنو ويندو، فرسٽ ايڊيشنل سيشن

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، حيدرآباد
فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جيڪو اين اي 221 پي ايس 47 ۽ 50 حيدرآباد لاءِ رٽرننگ آفيسر پڻ آهي پڌرو ڪيو آهي ته ڪجهه سببن جي ڪري ڄاڻايل تڪن جي پولنگ عملي کي جيڪو اليڪشن مٽيريل 10 مئي 2013 تي سيشن ڪورٽ بلڊنگ ۾ ملڻو هو، کي هاڻي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ڏنو ويندو . هن پولنگ عملي کي صلاح ڏني ته هو اليڪشن 2013 جي منعقد ڪرڻ لاءِ سيشن ڪورٽ بلڊنگ بدران اليڪشن مٽيريل نياز اسٽيڊيم حيدرآباد مان حاصل ڪن جڏهن ته پنهنجي هڪ ٻئي حڪم نامي ۾ هن پريزائيڊنگ آفيسرن کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايتن تحت پنهنجي ظاهري سڃاڻپ لاءِ کين آءِ ڊينٽٽي ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ٻه عدد فوٽو ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي رٽرننگ آفيسر وٽ جلد جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button