اليڪشن 2013ڄامشورو

جمھوري نظام جي بقا ۽ استحڪام لاءِ ھڪ ھڪ ووٽ انتھائي قيمتي آھي ـ عمران احمد

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو

جمھوري نظام جي بقا ۽ استحڪام لاءِ ھڪ ھڪ ووٽ انتھائي قيمتي آھي ـ عمران احمد
جمھوري نظام جي بقا ۽ استحڪام لاءِ ھڪ ھڪ ووٽ انتھائي قيمتي آھي ـ عمران احمد
ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ڄامشورو عمران احمد ان ڳالھ تي زور آندو آھي ته عام چونڊن واري ڏينھن ھر مڪتبه ِفڪر جي ماڻھن کي گھرجي ته ھو پنھنجو ووٽ َضرور ڪاسٽ ڪن، ته جيئن ووٽنگ جي بھتر ٽرن آئوٽ سان نه رڳو عوامي شعور جي عڪاسي ٿي سگھي پر وڌ کان وڌ تعداد ۾ ووٽ ڏيڻ سان ئي ھو پنھنجي پسنديده نمائندن کي منتخب ڪري سگھن ٿا. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ بابت عوامي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ضلع ڄامشورو طرفان منعقد ڪيل ھڪ سيمينار ۾ صدارتي خطاب ڪندي ڪيو، جنھن ۾ معاشري جي مختف شعبن سان واسطو رکندڙ مرد، عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. عمران احمد چيو ته جمھوري نظام جي بقا ۽ استحڪام توڙي عوام جي بااصول ۽ سٺو ڪردار رکندڙ نمائندن جي ڪاميابي لاءِ ھڪ ھڪ ووٽ انتھائي قيمتي آھي ۽ ان جي صحيح استعمال سان ئي ملڪ و قوم جي تقدير بدلجي سگھي ٿي. ھن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پوري ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ پرامن چونڊون ڪرائڻ چاھي ٿي ۽ ان ڏس ۾ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي بھتر کان بھتر انتظام ڪيا ويا آھن، تاھم عوام کي به ان سلسلي ۾ ۾ پنھنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. سيمينار دوران اليڪشن ڪمشنر ضلع ڄامشورو شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏيندي کين ووٽ جي اھميت ۽ استعمال کان علاوه ڪميشن پاران جاري ڪيل ضابطهِ اخلاق ۽ ٻين ھدايتن بابت تفصيلن کان آگاھي ڏني ان موقعي تي مختلف تنظيمن جي عھديدارن ۽ ٻين مرد و عورتن پڻ تقريرون ڪندي پرزور اپيل ڪئي ته ھو يارھين مئي تي وڌ کان وڌ ووٽ ڏيڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن وڃن ۽ جنھنجي خاندان ۽ دوست احبابن کي به ان لاءِ قائل ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button