اليڪشن 2013باڊھ

بروھي ڀائرن اچونڊ مھم تيز ڪري ڇڏي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ

نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي
نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي
باڊهه: اين اي 205 ۽ پي ايس 41 جي آزاد اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي پنهنجي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيو آهن، ڪالهه ڳوٺ درگاهه شريف، ڀٽي ڳوٺ، ڳوٺ علي مراد چانڊيو، ڳوٺ خير محمد جهتيال، وڏي وهڻي ۽ ٻين ڳوٺن جا طوفاني دورا ڪري مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي چيو ته عوام کرن ۽ کوٽن کي پرکي چڪو آهي، هنن چيو ته اڳوڻن چونڊيل نمائندن عوام ۽ تڪ واسين سان ويساهه گهاتيون ڪيون، هنن 5 سال اسيمبلين ۾ ويهي عوام جا اهنج گهٽائڻ بدران وڌائي ڇڏيا آهن، هنن چيو ته اسان عوام جي طاقت تي يقين رکون ٿا، 11 مئي تي تڪ جو عوام اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو، چونڊجڻ کانپوءِ تڪ واسين جا مسئلا بنا فرق جي حل ڪرائينداسين. ڪارنر گڏجاڻين دوران مختلف برادرين جي ماڻهن پاران بروهي ڀائرن جي حمايت جو اعلان پڻ ڪيو. ان موقعي تي زيب علي ساريو، احمد علي جوڻيجو، ڪامريڊ رياض پنهور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button