باڊھ

باڊھ: شھرين جو سيپڪو خلاف مظاھرو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

باڊھ: شھرين جو سيپڪو خلاف مظاھرو
باڊھ: شھرين جو سيپڪو خلاف مظاھرو
باڊهه: رهواسين محمد عثمان ٻگهيو، ڪفايت منگي، قربان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي وچان گذرندڙ رائيس ڪئنال جي پل تي رڪاوٽون کڙيون ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين پاران سيپڪو اختيارين خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي باڊهه_لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ هئڻ سبب 2 ڪلاڪن تائين سموري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي تقي شاهه محلي جو ٽرانسفارمر گذريل چئن ڏينهن کان سڙي ويو آهي، پر هن وقت تائين سيپڪو انتظاميا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيو آهي، سخت گرمي سبب بجلي نه هئڻ ڪري محلي جا سوين ماڻهو بيمار ٿي پيا آهن، ٻئي طرف باڊهه جي سياسي، سماجي شخصيت سائين بدرالدين ساريو احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ٻن ڏينهن اندر سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي بحال ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد احتجاج ڪندڙن احتجاج ختم ڪري روڊ تان رڪاوٽون هٽايون ۽ ٽريفڪ بحال ڪئي وئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button