اليڪشن 2013باڊھ

باڊهه : سڪندر علي بروهي عادل حسين انڙ جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

باڊهه : سڪندر علي بروهي عادل حسين انڙ جي حق ۾ هٿ کڻي ويو
باڊهه : سڪندر علي بروهي عادل حسين انڙ جي حق ۾ هٿ کڻي ويو
پي ايس 41 جي آزاد اميدوار سڪندر علي بروهي ساڳئي تڪ تي آزاد اميدوار طور چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اڳوڻي صوبائي وزير حاجي الطاف حسين انڙ جي پٽ عادل حسين انڙ جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته عادل حسين انڙ پاران اين اي 205 تي آزاد اميدوار نور احمد بروهي جي حمايت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي حاجي الطاف حسين انڙ خطاب ڪندي چيو ته آئون بروهي برادري جي نوجوان آزاد اميدوار سڪندر بروهي جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي پٽ عادل حسين انڙ جي حق ۾ هٿ کنيو ۽ حمايت جو پڻ اعلان ڪيو آهي، هن چيو ته اسان اين اي 205 تي بروهي برادري جي نوجوان اميدوار نور احمد بروهي جي ڀرپور نموني سان مدد ڪنداسين، هوڏانهن پي ايس 41 تان عادل حسين انڙ جي حق ۾ هٿ کڻندڙ سڪندر علي بروهي چيو ته انڙ خاندان سان پراڻا خانداني تعلقات آهن، ان ڪري اسان حاجي الطاف حسين انڙ کي مان ڏيندي پي ايس 41 تان هٿ کنيو آهي. واضح رهي ته ٻنهي ڌرين ۾ ڪجهه ڏينهن کان ڳالهيون هلندڙ هيون، ڪالهه ٻنهي ڌرين اتحاد ڪري اهو فيصلو ڪيو ته هو چونڊن ۾ هڪ ٻئي جي ڀرپور مدد ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button