اليڪشن 2013باڊھ

اڳوڻن چونڊيل نمائندن عوام جي ووٽ جي توهين ڪئي، بروھي ڀائر

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

اڳوڻن چونڊيل نمائندن عوام جي ووٽ جي توهين ڪئي، بروھي ڀائر
اڳوڻن چونڊيل نمائندن عوام جي ووٽ جي توهين ڪئي، بروھي ڀائر
باڊهه پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ شهر جي حيدر چوڪ تي جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر توڙي آسپاس جي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي چيو ته پ پ جي 5 سالا حڪومتي دور ۾ عوام سان وڏيون ناانصافيون ٿيون، لوڊشيڊنگ، مهانگائي، بدامني ۽ ڪرپشن عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو، اڳوڻن چونڊيل نمائندن عوام جي ووٽ جي توهين ڪئي، ايتري قدر جو سنڌ دشمن رٿائن خلاف هنن اسميبلي اندر هڪ لفظ به نه ڳالهايو، هنن چيو ته عوام هاڻي سجاڳ ٿي چڪو آهي، هو نااهل ۽ آزمايل اميدوارن کي ڪڏهن به ووٽ نه ڪندو، هنن چيو ته 11 مئي اسان جي فتح جو ڏينهن ثابت ٿيندو، ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ عوام سان ناانصافيون ڪندڙن کان حساب ورتو ويندو ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي خوشحالي آندي ويندي، بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وينديون، ان موقعي تي زيب علي ساريو، وڏيري محمد علي بروهي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته مختلف برادرين جي اڳواڻن سندن حمايت جو اعلان پڻ ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button