اليڪشن 2013ھنڱورجا

اين اي 217 پي ايس 33 ، پي ايس 34 جي 8 مختلف پولنگ اسٽيشنن تي پي پي ۽ فنڪشنل ليگ اميدوار جي حامين وچ ۾ جهيڙو 6 ڄڻا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

اين اي 217 پي ايس 33 ، پي ايس 34 جي 8 مختلف پولنگ اسٽيشنن تي پي پي ۽ فنڪشنل ليگ اميدوار جي حامين وچ ۾ جهيڙو
اين اي 217 پي ايس 33 ، پي ايس 34 جي 8 مختلف پولنگ اسٽيشنن تي پي پي ۽ فنڪشنل ليگ اميدوار جي حامين وچ ۾ جهيڙو
هنڱورجا ۾ اين اي 217 پي ايس 33 ، پي ايس 34 جي 8 مختلف پولنگ اسٽيشنن تي پي پي ۽ فنڪشنل ليگ اميدوار جي حامين وچ ۾ جهيڙو 6 ڄڻا زخمي ڪجهه ٽائيم لاءِ پولنگ اسٽيشنون بند ، پولنگ عملي جي سست رفتاري واري عمل سبب ووٽرن جو صبح کان شام تائين قطارون لڳل
تفصيل موجب هنڱورجا جي اين اي 217 ، پي ايس 34 ۽ پي ايس 33 جي 8 پولنگ اسٽيشنن تي ڌرين وچ ۾ جهيڙا ٿيا هن ڏس ۾ پي ايس 33 پولنگ اسٽيشن سيٺارجا بالا ۽ نهال خان سولنگي ۾ پي پي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي حامين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ محمد رضا سولنگي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته اين اي 217 ۽ پي ايس 33 جي پولنگ اسٽيشن گاد ، هاءِ اسڪول هنڱورجا ، ميرڪ، ڀونڀٽپور ۽ نواڙو ۾ پي پي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي حامين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ غلام سرور ، رياض حسين سهتو، رفيق احمد سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. جنهن ڪري ڄاڻايل پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ وارو عمل ڪجهه دير لاءِ بند ٿي ويو جيڪو بعد ۾ پوليس انتظاميه ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي پهچڻ تي ٻيهر پولنگ وارو عمل شروع ٿي ويو. هوڏانهن پولنگ اسٽيشنن تي ووٽن جو عمل سست هجڻ رفتاري سان هلڻ ڪري صبح کان شام تائين ووٽرن جو قطارون لڳل هيون ووٽرن جي لاءِ ڪو خاص بندوبست نه هجڻ ڪري عورت توڙي مرد ووٽر شديد گرمي ۽ نٽهڻ اس ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي واري جو انتظار ڪندا رهيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button