اليڪشن 2013ھنڱورجا

اين اي 217 جي تڪ تي اليڪشن ڪميشن پاران 149 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
اين اي 217 جي تڪ تي اليڪشن ڪميشن پاران 149 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏئي ڇڏيو آهي جتي رينجرس کي مقرر ڪيو آهي تفصيل موجب خيرپور ضلعي جي تڪ اين اي 217 جيڪو گمبٽ ، صوڀوديرو ۽ ڪنگري تعلقي تي مشتمل آهي جتي ٽوٽل 245 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مردن لاءِ 337 ۽ عورتن لاءِ 291 بوٿ قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته 245 پولنگ اسٽيشنن مان 149 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو آهي جنهن ۾ صوڀوديرو تعلقي جون 30 پولنگ اسٽيشنون شامل آهن. هن تڪ تي مرد ووٽرن جو تعداد 154043 ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 123282 آهي ٽوٽل 277325 ووٽرن جو تعداد آهي حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنن تي فوج ۽ رينجرس مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته مڙني پولنگ اسٽيشنن تي ضروري سامان پهچايو پيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button