مختصر خبرون

اليڪشن جو پر امن انعقاد تمام گهڻو اهم آهي ۽ ان ڏس ۾ جامع سيڪيورٽي پلان مرتب ڪيو ويو آهي، فياض حسين عباسي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، حيدرآباد
ايندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ سڀ سرڪاري کاتا ۽ سرڪاري عملدار پنهنجو گهربل ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪن ۽ ان ڏس ۾ هڪٻئي سان مربوط رابطو رکيو وڃي _ اهڙي هدايت ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جناب فياض حسين عباسي اڄ هتي پنهنجي آفيس ۾ ضلعي جي اليڪشن ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني _ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري چيو ته اليڪشن جو پر امن انعقاد تمام گهڻو اهم آهي ۽ ان ڏس ۾ جامع سيڪيورٽي پلان مرتب ڪيو ويو آهي ۽ پاڪ فوج ، رينجرس ۽ پوليس پنهنجو ڪردار ادا ڪندا _ هن چيو ته پولنگ عملي کي پولنگ اسٽيشنن تي پهچائڻ ۽ واپس نيئڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن تنهن هوندي به ضلعي انتظاميه جي عملدارن جون گاڏيون متبادل طور موجود هونديون _
ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جناب اعجاز انور چوهاڻ ٻڌايو ته اليڪشن جي ڏس ۾ اٽڪل 2500 عملي جي مقرري ڪئي ويئي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button