سائنس ۽ ٽيڪنالاجيٻارن جي دنياتحقيق

ڪڪڙ ٻانگ ڇو ڏيندو آھي؟

Desi Kukurجاپاني تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آھي ته ڪڪڙ صبح سوير ان لاءِ ٻانگ ڏيندو آھي ته ان جي اندرجبلتي (پيدائشي قوت جيڪا حيوان کي پنھنجي نوعيت وارن خاص عملن لاءِ آماده ڪري ۽ پوري طرح ادا ڪرائيندي آھي) حياتياتي حِس (حواسن سان ڄاڻڻ جي طاقت) ان کي ٻڌائيندي آھي ته صبح جو وقت ٿي ويو آھي. صبح سويري اسان سڀ ڪڪڙوڪون جي آواز ٻڌندا آيا آھيون ۽ اھا ھڪ گھڙي جيان وقت تي ھوندي آھي جنھن کان پوءِ اوڀر کان نئين ڏينھن جو سج اڀرندو آھي.
سوال اھو آھي ته آخر ڪڪڙ جي ڪھڙي مجبوري آھي جو اھي ٻانگ ضروري ڏئي. ڪڪڙ جو اھو عمل قدرتي طور تي ننڊ مان جاڳائڻ واري گھڙي جيان ٿي سگھي ٿو؟ ڇا اھو سج جي روشني يا ماحول مان انداز لڳائيندو آھي.
ناگويا يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ، تڪاشي يوشي مورا چئي ٿو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ جيستائين ڪڪڙ جي ڪڪڙون نه ٻڌڻ ۾ اچي ته ماڻھو مڃڻ لاءِ تيار ناھن ھوندا ته صبح ٿي ويئي آھي.
رسالي "ڪرنٽ بائولوچي” ۾ ھڪ مضمون ۾ يوشي مورا چئي ٿو ته اھو واضح ناھي ته ڪڪڙ جي آواز ڪنھن حياتياتي گھڙي سان جڙيل آھي يا ڪنھن ٻاھرئين عمل جو نتيجو آھي.
يشي مورا ان ڳالھ جي طرف توجه ڏياريو آھي ته ھڪ ڪڪڙ نه صرف صبح جو پر ڏينھن جو به ٻانگ ڏيندو آھي جنھن مان ظاھر ٿيو ته ٻاھريان به ڪي عنصر آھن جيئن ڪنھن موٽر سائيڪل جي ھيڊ لائيٽن جا شعاع، يا ويجھو ڪنھن ٻئي ڪڪڙ جي ٻانگ سان ان ڪڪڙ کي ٻانگ ڏيڻ جي تحريڪ (ڪنھن ڪم کي شروع ڪرڻ ڪرڻ يا زور وٺرائڻ لاءِ ترغيب) ملندي آھي.
اھو ڄاڻڻ لاءِ ھڪ ڪڪڙ کي صبح جي وقت ڪنھن قسم جي اندريان ياٻاھريان عمل ٿي سگھن ٿا، يوشي مورا ۽ ان جي ساٿي، تيوشي شمورا ڪجھ ڪڪڙن کي اھڙي ماحول ۾ رکيو جنھن ۾ صبح ٿيڻ ھئن جو گمان ھجي ۽ پوءِ ريڪارڊنگ مشين آن ڪري ڇڏي ته جيئن انھن جي آواز ٻڌي سگھي ۽ ان جو مشاھدو ڪري سگھن.
جڏھن ھڪ عرصي تائين صبح ھجڻ جو گمان ھئڻ وارا شعاع جاري رکيا ويا ته ڪجھ وقت تائين ڪڪڙن ھڪ عرصي تائين اصل صبح جي وقت ٻانگ ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو، جنھن مان ظاھر ٿيو ته انھن جي حياتياتي حس برقرار آھي جيڪا ٻوٽن ۽ جانورن جي قدرتي جبلت سڏرائيندي آھي، جيئن انسانن جي به جبلت آھي جنھن جو تعلق 24 ڪلاڪن جي دوران ڏينھن ۽ رات جي تبديلي سان ٿيندو آھي.
تحقيق ڪندڙن ان ڳالھ جو پتو لڳائي ورتو آھي ته جڏھن ڏينھن جي دوران ٻاھريان عمل ھڪ ڪڪڙ کي ٻانگ ڏيڻ تي آماده ڪري سگھن ٿا، صبح سويري ان جي ٻانگ ڏيڻ جي شدت زياده ٿي وڃي ٿي. تڏھن به، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ، ڪڪڙن الڳ الڳ ٻانگون ڏيڻ شروع ڪيون، جنھن مان اھو گمان ٿيو ته مستقل ڏينھن جو ماحول ٺاھڻ سان انھن جي قدرتي جبلت ڪمزور ٿي سگھي ٿي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button