ھنڱورجا: پي پي جي 12 ڪارڪنن پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
قومي شاهراهه تي پي پي ڪارڪنن ۽ پي پي جي ووٽرن جي پاران شاهه جي مشين تي لڳل ڌرڻ سبب شاهه جي مشين بس اسٽاپ جي مڙني هوٽلن تي سڄو ڏينهن تمام گهڻي رش لڳل رهي جڏهن ته ڌرڻي جي ميزباني ڪندڙ پي پي اڳواڻ عاشق راڄپر پاران ڌرڻي ۾ شامل سمورن ماڻهن لاءِ کاڌي پيتي جا انتظامات ڪيل هئا. جڏهن ته شاهه جي مشين اسٽاپ تي سمورو ڪاروبار بند رهيو جڏهن ته هوٽلون کليل رهيو. جڏهن ته سخت ۽ شديد گرمي ۽ نٽهن اس تي ڌرڻو هڻي ويٺل ماڻهن لاءِ ٿڌي پاڻي ۽ شربت جون سبيلون لڳايو ويو.
قومي شاهراهه تي لڳل پي پي ڪارڪنن جي لڳل ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ توڙي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ صبح کان شام تائين ڪوبه انتظامي عملدار نه پهتو جنهن ڪري ڪارڪن سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان شديد نعريبازي ڪندا رهيا.
قومي شاهراهه تي شاهه جي مشين تي لڳل ڌرڻي سبب سڄو ڏينهن ٽريفڪ بلاڪ رهي جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري مختلف ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ڌرڻي واري هنڌ کان ٻاهر پري پري بيٺل رهيا ۽ وائرليس ذريعي ڌرڻي جي پل پل جي صورتحال کان اعلي اختارين کي آگاهه ڪندا رهيا.
قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻي ۾ پي پي سان تعلق رکندڙ چئني تعلقن نارو، فيض گنج ، ٺري ميرواهه ۽ صوڀوديرو تعلقي جا پارٽي عهديدار ڪارڪن پڻ موجود رهيا ۽ ڌرڻ واري هنڌ ايڪوسائونڊ تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بلاول ڀٽو زرداري جون رڪارڊ ڪيل تقريرون ٽيپ رڪارڊر تي وڏي آواز ۾ هلنديون رهيون ۽ وقفي وقفي سان پي پي جا ڪارڪن ۽ جيالا تقريرون ڪندا رهيا. ان دوران پي پي جي 12 ڪارڪنن سڀاڻي پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.