مختصر خبرون

پ پ پ سنڌ جي وحدانيت جي خلاف فيصلا ڪيا،سيد نور محمد شاهه

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
ڏوڪري ۽ نصيرآباد تعلقن تي مشتمل صوبائي تڪ پي ايس 41 تي چونڊ وڙهندڙ آزاد اميدوار سيد نور محمد شاهه پنهنجون چونڊ سرگرميون تيز ڪري تڪ جي ڪيترن ئي ڳوٺن توڙي شهر جا طوفاني دورا ڪري ڪارنر گڏجاڻي ڪري عوام کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته سندس طوفاني دورن دوران علائقن جي مختلف برادرين ۽ چڱن مڙسن پاران سندس حمايت ڪري کيس ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، آزاد اميدوار سيد نور محمد شاهه بخاري نصيرآباد، ڏوڪري، باڊهه ۽ ٻين شهرن ۾ چونڊ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته آئون ڪامياب ٿي عوام جي صحت، تعليم، روزگار، باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ۽ ٻين بنيادي انساني حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪري کين اهي سهولتون مهيا ڪرائي ڏيندس، ايوان ۾ سنڌ جي اهم مسئلن توڙي تڪ جي عوام جي ٻين مسئلن بدامني، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جي خاتمي لاءِ آواز بلند ڪندس، هن چيو ته پ پ جي گذريل 5 سالن جي دور حڪومت ۾ عوام کي بک، بدحالي، بدامني جي باهه ۾ ڌڪيو ويو، سنڌ جي وحدانيت جي خلاف فيصلا ڪيا ويا ۽ من پسند ماڻهن کي نوازيو ويو، هن چيو ته مون کي توهان پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي وڏي اڪثريت سان 11 مئي جي ڏينهن پنهنجي خوشحالي دور جي شروعات ڪيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button