عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
 امداد چولياڻيپي ايس 41 تي مسلم ليگ (ن) جي نامزد اميدوار امداد چولياڻي چيو آهي ته پ پ پنهنجي 5 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو، بدامني چوٽ چڙهيل هئي ۽ عوام کي بک ۽ بدحالي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو هن ڪالهه باڊهه ۾ اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ پارٽي جي قائم ڪئمپ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ جي حڪمرانن عوام کان ووٽ وٺي عوام سان ئي ويساهه گهاتي ڪئي، سنڌ جو ٻهرڙايون ڌاڙيلن وٽ يرغمال هنيون ته سنڌ وري شهر دهشتگردن وٽ يرغمال بڻيل هئا، هن چيو ته پ پ وارن سنڌ ۾ ٻٽو نظام آڻي سنڌ جي عوام وحدانيت کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته هاڻي سنڌ جو عوام جاڳي پيو آهي اهو هاڻي چونڊن ۾ ڪوڙا نعرا هڻندڙن کي ووٽ هر گز نه ڪندو، هن چيو ته عوام اسان کي ووٽ ڏئي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو، هن چيو ته جيڪڏهن (ن) ليگ اقتدار ۾ اچي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي ته سنڌ مان پهريان مان ئي احتجاج طور پارٽي کي الوداع ڪرڻ جو اعلان ڪندس.