پ پ جا موجوده اڳواڻ ڀٽو جي نظريي تان هٽي ويا آھن، ڊاڪٽر صفدر عباسي
عبدالمجيد جھتيال، باڊهه
ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ بينظير ڀٽو پارٽي کي زندهه رکيو شهيد راڻي جي وڇوڙي بعد پ پ جا موجوده اڳواڻ ڀٽو جي نظريي تان هٽي ويا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار اين اي 205 جي آزاد اميدوار اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي باڊهه ۾ رٽائرڊ ڊي جي هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر غلام سرور چنه پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته عوام اڳوڻن چونڊيل نمائندن کي پنج سال موقعو ڏنو ته هو ايوانن ۾ وڃي سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪندا پر هنن اقتدار جا پنج سال عوام جي خدمت ڪرڻ بجاءِ ڪميشنون حاصل ڪرڻ توڙي پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا ڪيا، هن چيو ته اڳوڻن چونڊيل نمائندن کي عوام ڌڪاري ڇڏيو آهي ڪير به کين آجياڻو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي وقت ۾ عوامي نمائيندا پ پ جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پريشان هوندا هئا پر هاڻي پ پ جي ٽڪيٽ کي ڪا به اهميت نه ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته آءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو پيغام کڻي ساڳئي عوام وٽ آيو آهيان اوهان محترمه بينظير ڀٽو جي سچن پيروڪارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو هن چيو ته چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ عوام جا ڏک سور دور ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندس، ڪارنر گڏجاڻي کي رٽائرڊ ڊي جي هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر غلام سرور چنه پڻ خطاب ڪيو ۽ پنهنجي برادري ۽ همدردن سميت ڊاڪٽر صفدر عباسي جي حمايت جو اعلان ڪيو.