پي ايس 58 جو صادق اميدوار
اسلم نهڙيو
62 ۽ 63 جي تلوار ڪجهه سر قلم ڪيا ۽ ڪيترائي مانگر مڇ ڪرشماتي طور پاڻ کي بچائي ويا، فخرو ڀائي جي هن اليڪشن مان عوام کي وڏيون اميدون هنيون ته ڪئي مانگهر مچ پنهنجي ڪيئي جي ڄار ۾ ڦاسندا پر سندن نصيب زور چئجي يا قسمت جي ديوي انهن تي مهربان ٿي جو هڪ دفعو وري به انهن کي عوام جي در تائين پهچڻ جو موقعيو مليو. هي اليڪشن ۽ جهموريت جيڪا صرف سرمائيدارن جي راند لڳي رهي آهي، باقي غريب جي دل کي خوش ڪرڻ لاءِ انهي مشغولي ۾ شامل ضرور ٿيا آهن. توهان به ڄاڻو ٿا غريب کي ووٽ ڪير ڏيندو. ووٽ جي اهميت جي عام ماڻهو کي خبر ئي ڪونھي، ته ووٽ ٿيندو ڇا آهي؟ ۽ انهي ۾ طاقت ڪيتري آهي. انهي لاءِ جو ڪيترن ئي ماڻهن جو پنهنجي ذاتي ووٽ تي به ڪو اختيار ڪونهي، ٻيو ته ٻيو پر هن پڙهي ليکي سماج ۾ هڪ باشعور ماڻهو به ڪنهن پير/ سائين جي چوڻ تي ووٽ ڏي ته پوءِ اسان ڇا مان تبديلي آڻينداسين ۽ هن سماج کي ڪئين تبديل ڪنداسين؟!. اسان هڪ دفعو نه پر ڪئي دفعا پنهنجا قيمتي ووٽ انهي پيرن/سائين جي چوڻ تي هُن هِن کي ڏئي ڇڏيا آهن. عجيب دنيا آهي ماڻهو ڪيڏا نه نڪ جا ڏاڍا ٿي ويا آھن 5 سالن کان پوءِ وري به انهن جي در تي انهن کان ئي وري وري ووٽ وٺڻ اچي رهيا آهن. جنهن انهن جي پنجن سالن ۾ ڪا خير خبر به ڪونه لڌي وري به انهن جي اڳيان نئون ڪو آلاپ اوريندا، ڪي نوان وچن وعدا ڪندا وري پنج سال ڳولي ڪونه ملندا. اسين به عجيب قسم جا ماڻهو آهيون جيڪي نه اسان جي خوشين ۾ گڏ نه ڪنهن ڏک ۾ شريڪ پوءِ به ووٽ ڏئي پنجن سالن جي چڱن مڙسي جو پٽڪو سندس ئي مٿي تي رکنداسين، ٿورا ٿورا پيا ٿيندا آهيون، پوءِ جيڪو وڻي سو پيا ڪن پاڻ ۽ سندس ڇاڙتا. هينئر به اِهي وڏيون وڏيون دعوائون پيا ڪن ته اسان پنج سال عوام جي وڏي خدمت ڪئي آهي، جيڪا هر ڪنهن کي ساري پئي آهي ته انهن اسان جي ڪهڙي خدمت ڪئي اٿن،(اعلان جي باوجود پاڪستان ۽ وطن ڪارڊ جون ٻئي قسط جا پيسا به هن غريب عوام کي ڪونه ڏنا انهي کان وڌيڪ هو ڪهڙي خدمت ڪن)، بس سنڌ وڪڻڻ انهن کان رهجي وئي جيڪا جيڪڏهن وري ووٽ ڏينداسين ته اها ڪسر به هن دفعي پوري ڪري ڏيکاريندا. اسين چهرن جي تبديلي ڪونه ٿا چاهيون اسين سماج جي تبديلي جي ڳالهه ٿا ڪريو ته اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڪريو جيڪي سماج تبديل ڪرڻ جي سگهه رکندا هجن، اسان هر دفعي انهن کي ئي ووٽ ڏنا آهن ۽ بدلي ۾ انهن ڇا ڪيو آھي سو به توهان بهتر ٿا سمجهو. اسان وٽ اهڙا گهراڻان موجود آهن جنهن جي چوڻ تي ڪنهن ڪاري چور کي به ووٽ ڏيڻ لاءِ اسين تيار هوندا آهيون، جنهن جي چوڻ تي هڪ دفعو نه پري ڪئي دفعا انهن جي چوڻ تي ووٽ ڏناسين پر ٿيو ڇا؟. اڄ به اسين انهي هنڌ بيٺا آهيون جتي اسين پهرين هئاسين، نه اسان پاڻ کي تبديل ڪيو نه وري پنهنجي گهر ۽ سماج کي. آخر ڪيستائين اسين لڪير جا فقير ٿي جيئندا رهنداسين. جنهن اسان کان پوءِ جنم ورتو سي به الائي ڪٿي پهتا آهن، اسان ڇو اڃان اُتي جو اتي آهيون؟!. اهي مُعزز گهراڻان پنهنجي اندر جھاتي پائي ڏسن جن هميشه انهن سرمائيدارن جي حمايت ڪري کين ووٽ ڏياريندا رهيا آهن ۽ انهن غريبن سان تر جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڪهڙو حشر ڪندا رهن ٿا ساءِ به ڪنهن کان لڪيو ڇپيو ڪونھي. اُهي پاڻ انهن سان ڪيترا سچا آهن، جنهن کي يونين ڪائونسلون ۽ تعلقن جا تعلقه کٽرائي ڏين ٿا. ووٽ تبديلي جي علامت آهي پر ڪوانهي کي سمجهي سگهي تڏهن، باقي اسين نسل در نسل انهن ئي سرمائيدارن کي ووٽ ڏيندا رهنداسين ته پوءِ نه اسين تبديل ٿينداسين نه ئي اهي، نه اسان جو سماج تبديل ٿيندو. بدين قدرت جي نعمتن سان مالامال امير ترين ضلعو آهي، جيڪو پي پي پي لاءِ ٻيو لاڙڪاڻي جي حيثيت رکي ٿو. پر افسوس جو هي ضلعو ڪنهن لاوارث وانگر توهان کي نظر ايندو، هن ضلعي مان ماڻهن پنهنجا گهر ڀريا پر هن جي حقيقي وارثي اڄ تائين ڪنهن نه ڪئي آهي. اسان وٽ بدين شهر ۾ ڪيئي اهڙا پاڙا موجود آهن جيڪو نسل در نسل انهن جهموريت جي دعويدارن کي هميشه ووٽ ڏيندو اچي اڄ به اُهي پاڙا هن جديد دور ۾ اُجهڙيل حالت ۾ توهان کي ڏسڻ لاءِ آساني سان ملي سگهندا. اهڙي ئي هڪ پاڙي جو توهان کي ٻڌايان هلان جيڪي هميشه پي پي پي جا ووٽر رهيا آهن. ڪيٿولڪ چرچ جي پاسي ۾ نهڙيا محله آهي جيڪو اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي، هن محله ۾ بجلي نه هئڻ جي برابر آهي مين گولاڙچي روڊ تي بجلي جا ٿنبا لڳل آهن جنهن مان سڄي پاڙي جي هڪ تار مان سڀني جا ڪنيڪشن ٿيل آهي، انهي تار مان ڇا لوڊ/پاور ويندو هوندو ايترن سارن گهرن ۾، ٻيو گٽر جو ڪو بندوبست به هئڻ جي ڪري برساتن ۾ سڄي شهر جو پاڻي انهن جي گهرن ۾ ويندو آهي. انهي کان علاوه جهموريت جي پنجن سالن ۾ سڄي جڳ جهان کي نوڪريون مليون پر انهي محله جي ڪنهن هڪ به پڙهي لکي نوجوان کي پٽيوالي به ڪونه ملي آخر ڇو؟ (انهي محلي جي نوجوانن مرزا ۽ سڪندر مينڌري جي آفيسن جا چڪر لڳائي لڳائي جتيون ئي گسائي ڇڏيون پر ٿيو ڪجهه به ڪونه) . انهن جي گهرن جي پاسي ۾ ئي پي پي ضلعي جي ڪرتاڌرتا جو گهر آهي اُنهي کي به پاڙي جي ڪنهن غريب جو ڪو احساس ڪونه ٿيو، جيڪو ڇا مان ڇا ٿي ويو آهي.
هن دفعي بدين پي ايس 58 جو هڪ اميدوار صادق مينڌرو به آهي، پي ايس 58 تعلقه بدين ۾ 130 پولنگ اسٽيشن، 245 مرد پولنگ بوٿ، 246 ليڊز پولنگ بوٿ، 9 يونين ڪائونسل جنهن ۾ بدين 1، بدين 2، بدين 3 ، محمد خان ڀرڳڙي، لواري شريف، ڪڍڻ، ڀڳڙا ميمڻ، سيراڻي، ڪاڏي قاضيه انهي کان علاوه مٺي 3، جون 3 ديهه ۽ يونين ڪائونسل عبدالله شاهه جو 2 ديهه به شامل ڪيون ويو آهن ٽوٽل ووٽ جو تعداد مرد 71148 ۽ عورت 63647 آهي. ڊاڪٽرسڪندر مينڌرو کي هميشه اهيا سيٽ سيج وانگر سنگارجي ملندي رهي آهي، هن دفعي ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو لاءِ بدين پي ايس 58 کٽڻ آسان ڪونھي، سندس سامهون ٻيا به ڪيترائي اميدوار بيٺل آهن جنهن مان پيپلز مسلم ليگ جو اميدوار تاج محمد ملاح جنهن کي ڪيترن ئي راڄن ڀاڱن جي حمايت حاصل آهي، انهي کان علاوه بدين جي واپارين جي به کيس حمايت حاصل اٿس، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو هميشه اهيا سيٽ کٽندو رهيو آهي پر سندس عوام جي ڪم ڪارن ۾ ڪا دلچسپي نه هئڻ جي ڪري عوام انهي مان بيزار آهي ۽ خاص نوجوان بد ذهن ٿي پيا آهن، سندن هن پنجن سالن جي دور ۾ بدين جي ڪيترن ئي ڊپارٽمينٽن ۾ ڌاريا ڀرتي ٿي ايندا رهيا آهن جنهن تي انهن ڪو به ايڪشن نه ورتو آهي. مقامي نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ ۾ به ڪا اڳ ڀرائي ڪونه ڏيکاري جنهن جي ڪري ڌارين جي لوڌ اتي ڀرتي تي ايندي رهي ٿي، هن گورنمينٽ ويندي ويندي به پاپوليشن ڊپارٽمينٽ، لائيو اسٽاڪ، ۽ ٽريزري جهڙن ادارن ۾ به ڌارين جي لوڌ ڀرتي ڪري ويا آهن جيڪو اتي جي نوجوانن جي حق تي ڌاڙي جي برابر آهي، انهي کان علاوه بدين ضلع ۾ تيل ڪمپنن ۾ به ڌاريان ڀرتي ٿيندا رهن ٿا، بدين جي انهن اهم مسئلن تي اسان جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي بلڪل خاموشي اختيار ڪريو ويٺا رهن ٿا (لڳي ائين ٿو ڄڻ حصو پتي وٺيو ويٺا آهن). تيل ڪمپنن ۾ ڊرائيور ۽ ٻيو اسٽاف به جيڪڏهن ٻاهران گهرايو وڃي ته پوءِ مقامي نواجوان ڪڏانهن ويندا. انهي لاءِ بدين جي نوجوانن لاءِ هي اليڪشن وڏي اهميت ۽ حيثيت رکي ٿي جيڪو اسان جي حقن جي ۽ روزگار تي لڳندڙ ڌاڙن جي ضمانت ڏيندو انهي کي هن دفعو ووٽ ڏينداسين، نه ته به صادق مينڌرو ايتري ظمانت ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن پنهنجي ئي مينڌري جي سامهون اليڪشن ۾ حصو وٺي بيروزگارن جي حمايت حاصل ڪئي آهي.