اليڪشن 2013ٽنڊو محمد خان

ٽرانسپورٽ نه ملڻ سان ووٽ جي شرح گهٽجي ويندي، سيمينار کي خطاب

فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان

ٽرانسپورٽ نه ملڻ سان ووٽ جي شرح گهٽجي ويندي، سيمينار کي خطاب
ٽرانسپورٽ نه ملڻ سان ووٽ جي شرح گهٽجي ويندي، سيمينار کي خطاب
ٽنڊو محمد خان ۾ سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن پاران اليڪشن ڪميشن جي قاعدن ۽ قانونن جي روشني ۾ ووٽر کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي عنوان سان سيمينار محمد خان غني ادبي تنظيم جي هال ۾ ٿيو سيمينار کي انڊس فيوچر فائونڊيشن جي چيئرمين پنهل ساريو، ڊائريڪٽر اصغر لغاري، مشڪور ڦلڪارو ، پريس ڪلب جي صدر جميل ميمڻ، تاج ٽکڙائي ،مخمور مهيري،مشتاق سمون، رمضان شورو۽ ٻين خطاب ڪيو سيمينار کي خطاب ڪندي اڳوڻن چيو ته ٽرانسپورٽ جي نه ملڻ سان ووٽ جي شرح گهٽجي ويندي ۽ ٽرن آئوٽ گهٽجڻ جو خدشو آهي ۽ ووٽر کي گهر کان ٻاهر ڪڍڻ مشڪل هوندو ۽ ووٽ جي ڪاسٽنگ وارو تناسب گهٽجي سگهي ٿو، جنهن ڪري گهربل نتيجو نه ملي سگهندو، مقررين پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي قانونن باوجود ڌانڌلين جا خدشا موجود آهن ڇاڪاڻ ته پولنگن تي پول شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مقامي اثر رکندڙ وڏيرا مهمان نوازي جي آڙ ۾ عملي جي خدمت ڪن ٿا جنهن سان نمڪ حلالي ٿئي ٿي ۽ عملو خدمت ڪندڙ باثر وڏيري جو خاص خيال رکي ٿو. مقررين اليڪشن ڪميشن کا مطالبو ڪيو ته اليڪشن عملي جي رهائش ۽ طعام جو انتظام اليڪشن ڪميشن پاڻ ڪري جيئن ڌانڌلي کان بچي سگهجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button