سکر

ٻارڙا ملڪ جي ايندڙ مستقبل جا معمار آهن، اقبال دائود پاڪ والا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

ٻارڙا ملڪ جي ايندڙ مستقبل جا معمار آهن، اقبال دائود پاڪ والا
ٻارڙا ملڪ جي ايندڙ مستقبل جا معمار آهن، اقبال دائود پاڪ والا
سکر ۾ نگران صوبائي وزير خوراڪ اقبال دائود پاڪ والا فائونڊيشن گرامر اسڪول جي سالياني تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏيل طور تي پهنجي ٻارڙن جي تعليم تي ڀرپور توجه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ استادن جي ذميواري آهي ته هو پهنجي ٻارڙن کي معياري تعليم جي فراهمي سان گڏوگڏ بهتر تعليمي ماحول کي موثر بڻائڻ ته جئين اهي ٻارڙا ملڪ جو نالو روشن ڪن ڇو ته اهي ٻارڙا ملڪ جي ايندڙ مستقبل جا معمار آهن، معاّشري جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ تعليم اثرائتو ڪردار ادا ڪندي آهي. اقبال دائود پاڪ والا وڌيڪ چيو ته اسانجي ملڪ ۾ بهتر تعليمي ماحول جي ڪري سڄي دنيا ۾ اتان جا شاگرد پاڪستان جو نالو روشن ڪن ٿا. صوبائي وزير خوراڪ پهنجي ذاتي فنڊ مان اسڪول کي 20 هزار روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به سرڪاري اسڪول هن فائونڊيشن گرامر اسڪول کي ايڊ آپ ڪرڻ چاهي ته هو هن سلسلي ۾ مدد فراهم ڪندو ان کان اڳ فائونڊيشن گرامر اسڪول سکر جي پرنسپال ۽ هيڊ مسٽريس اسڪول جي ڪارڪردگي رپورٽ کان صوبائي وزير کي آگاهي ڏني ان موقعي تي اسڪول جي ٻارڙن تقريرون ڪيون ۽ ٽيبلو پيش ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button