هنڱورجا ۾ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ نوجوانن پاران ڪوڙن آرڊرن ڏيندڙ خلاف احتجاجي مظاهرو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ۾ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ 30 کان وڌيڪ نوجوانن پاران نوڪرين جا ڪوڙا آرڊر ڏيندڙ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرنو هڻي نعريبازي ڪئي
تفصيل موجب هنڱورجا ۾ لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ بيروزگار نوجوانن نوڪرين جا ڪوڙا آرڊر ڏيندڙ خلاف خير محمد کهڙو، عنايت ابڙو، عبدالوحيد چانڊيو، ڪرم حسين، زبير، صادق علي ، غلام قادر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو پهچي سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مظاهرين الزام لڳايو ته هنڱورجا واسي عبدلوهاب شيخ مختلف کاتن ۾ 6 کان 18 لک تائين پئسا وٺي ڪوڙا آرڊر ڏنا آهن گذريل 11 مهينن کان پگهارون به نه مليون آهن ۽ نگران حڪومت جي اچڻ سان اسان کي کاتن مان اهيو چئي نيڪالي ڏني وئي آهي ته اوهان جا آرڊر ڪوڙا آهن هنن چيو ته وهاب شيخ لاءِ هنڱورجا جي چڱن مڙسن وٽ دانهيو آهي پر ڪير به دادرسي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي اڄ جڏهن پئسا واپس وٺڻ لاءِ هنڱورجا آياسون ته وهاب جي مائٽن ڌمڪيون ڏئي واپس ڪري ڇڏيو آهي اسان غريب مسڪين ڦريلن جي دادرسي نٿي ته قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو هنن نگران وزيراعلي ۽ اعلي اختارين کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙا آرڊر ڏيندڙ خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي پئسا واپس ڪرائي ڏنا وڃن.