باڊھ

هنڱورجا: قومي شاهراهه تي مسافر گاڏين کان لکين روپين جي ڦر لٽ

هنڱورجا: قومي شاهراهه تي مسافر گاڏين کان لکين روپين جي ڦر لٽ
هنڱورجا: قومي شاهراهه تي مسافر گاڏين کان لکين روپين جي ڦر لٽ
هنڱورجا ۾ بدامني عروج تي پهتل هٿياربندن قومي شاهراهه تي مسافر گاڏين کان لکين روپين جي ڦر لٽ ڪرڻ سان گڏ ميان والي هوٽل ۾ ترسيل ماڻهن ۽ سمورن ملازمن کان ڦر لٽ ڪري فرار، مسافرن پاران ڦر لٽ واقعي خلاف قومي شاهراهه تي 7 ڪلاڪ ڌرڻو، پوليس ۽ مسافرن جي وچ ۾ چڪريون، ايس ايس پي پهچي انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو، ايس ايس پي پاران رسول آباد چوڪي انچارج کي معطل ڪري لاڪپ ڪرڻ ۽ روڊ سان گشت ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي جو حڪم، ڦر لٽ واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو، ڦريل مسافر پنهنجي پنهجي ماڳن ڏانهن هليا ويا.
تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي ڦول باغ جي سامهون 10 نامعلوم هٿياربندن ڪراچي کان بنير، پشاور ويندڙ مسافرن سان ڀريل فرمان ڪوچ ۽ ٻين مسافر گاڏين کي زبردستي روڪي گاڏين مان سوار عورت توڙي مرد مسافرن کي يرغمال بڻائي سندن کان لکين روپين جي ڦر لٽ ڪئي هٿياربندن عورتن کان سونا زيور کسيا ۽ سمورن مسافرن کان موبائل فونون، لکين روپيه روڪ رقم ڦر لٽ ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. جڏهن ته ساڳئي رات هنڱورجا لڳ قومي شاهراهه تي قائم ميان والي هوٽل تي 8 هٿياربندن چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي هوٽل ۾ ترسيل مسافرن ۽ ڪم ڪندڙ مزدورن راڻو خان جهانگر ، يوسف جهانگر، شمن ، يوسف سولنگي سميت سمورن مزدورن کان هزارين روپيه روڪ رقم ۽ فونون ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا اطلاع باوجود پوليس نه پهچي سگهي. ٻئي پاسي قومي شاهراهه تي مسافر گاڏين کان ڦر لٽ واري واقعي جي خلاف مسافرن محمد يار ، رضوان، قدير خان ، عزيزالله ، جنت گل، مدبر خان جي اڳواڻي ۾ ڦول باغ سامهون قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي 7 ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب قومي شاهراهه تي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون. مڇريل مظاهرين پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ۽ هنن الزام لڳايو ته ڦر لٽ واري واقعي ۾ پوليس ملوث آهي هٿياربندن عورتن سان انتهائي بدتميزي ڪرڻ سان گڏ لکين روپين جي ڦر لٽ ڪئي آهي. پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران رڳو اسان کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي پئي. ڌرڻو دوران هنڱورجا، گمبٽ، رسول آباد، صوڀوديرو ٿاڻن جي پوليس مظاهرين کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون احتجاج ختم نه ڪرڻ تي پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون جنهن کان پوءِ ايس ايس پي خيرپور سيد اصغر علي شاهه ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڦريل مسافرن سان ڳالهيون ڪري سندن کي ڦريل سامان واپس ڪرائي ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي يقين ڏياري 7 ڪلاڪ کان لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو. ڌرڻي واري هنڌ ايس ايس پي ميڊيا سان ڳالهائيندي رسول آباد چوڪي انچارج فرمان علي شر کي معطل ڪري کيس کي لاڪپ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي هن ٻڌايو ته قومي شاهراهه تي ڦر واري علائقي ۾ ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ٿيندي. هن چيو ته هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهه وڌي ويا آهن جنهن ڪري قومي شاهراهه تان گذرندڙ مسافرن جي تحفظ لاءِ ويهه وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. ٻئي پاسي ڦريل مسافر گاڏين ۾ سوار ٿي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي ويا. آخري اطلاع تائين ڦر لٽ واقعن جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button