هنڱورجا جي صحافي جي گهر تي پوليس پاران چڙهائي خلاف صحافين پاران احتجاج
انڊس نيوز، ھنڱورجا
هنڱورجا جي صحافي محمد هاشم سهتو جي گهر تي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران چڙهائي ڪري کيس کي ۽ سندس گهرواري کي تشدد جو نشانو بڻائي ڦر لٽ ڪرڻ واري واقعي خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي ۽ سنڌ صحافي سنگت جي سڏ تي صحافي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ، صديق سولنگي ، اڪبر شاهاڻي، عبدالسميع ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ مڇر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي هڪ ڪلاڪ تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي صحافي اڳواڻن الزام لڳايو ته گمبٽ، صوڀوديرو، راڻيپور پوليس بنا جواز ڌاڙيلن وانگر صحافي جي گهر تي چڙهائي ڪري صحافي هاشم سهتو ۽ ان جي گهرواري سرداران ڏيپر جي مٿان وحشياڻو تشدد ڪري گهر مان ڦر لٽ ڪئي آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي گمبٽ يار محمد رند پهچي انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. ٻئي پاسي ايس ايس پي خيرپور اصغر علي شاهه صحافي وفد کي ٻڌايو ته صحافي هاشم سهتو جي گهر تي چڙهائي واري واقعي جي جاچ ڪئي ويندي ۽ ملوث اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري صحافين کي انصاف فراهم ڪيو ويندو.