اليڪشن 2013مورو

مورو: پ پ جو پراڻو جيالو اين پي پي ۾ شامل، پ پ وارن وٽ قدر ناھي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو

مورو: پ پ جو پراڻو جيالو اين پي پي ۾ شامل، پ پ وارن وٽ قدر ناھي
مورو: پ پ جو پراڻو جيالو اين پي پي ۾ شامل، پ پ وارن وٽ قدر ناھي
پ پ جو تعلقي صدر ۽ پي ايس 23 جو آزاد اميدوار حاجي خان ڀٽي جي پارٽي مان ڳوڙھن سان الوداع، اين پي پي اڳواڻ ۽ پي ايس 23 جي اميدوار مسرور احمد جتوئي جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو، چيئرمين نيشنل پيپلز پارٽي غلام مرتضا جتوئي تي اعتماد ڪندي اين پي پي ۾ شامل، گڏيل پريس ڪانفرنس باضابظه طور تي اعلان، تفصيل موجب؛ پ پ تعلقي مورو جي صدر ۽ پراڻي پ پ جي جيالي اليڪشن ۾ بيھڻ لاءِ پ پ جي پليٽ فارم تان فارم ڀرايو ھو پر ھن کي پ پ پارٽي طرفان ٽڪيٽ نه ملي جنھن کانپوءِ ھن پ پ جي عھدي تان استعفا ڏئي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو پر پارٽي طرفان ڪابه موٽ نه ملڻ ڪري اڄ ھن پنھنجي مورو جي رھائش گاھ تي اين پي پي جي چيئرمين غلام مرتضا خان جتوئي، پي ايس 23 جي مسرور احمد خان جتوئي، پي ايس 19 جي اميدوار عاقب خان جتوئي جي موجودگي ۾ اين پي پي ۾ شامل ٿيڻ اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پي ايس 23 جي اميدوار مسرور احمد خان جتوئي ۽ پي ايس 19 جي اميدوار عاقب خان جتوئي جي حق ۾ ھٿ کڻي ڇڏيو، جنھن کانپوءِ ھن لڙڪ لاڙيندي پُر ھجوم پريس ڪانفرس ڪندي چيو مون پارٽي جي لاءِ ڏينھن رات محنت ڪئي پوءِ ڇو نه ٻوڏ ھجي يا برسات ھجي پر مان عوام سان گڏ رھيس پر افسوس جو پ پ پارٽي منھنجو قدر نھ ڪيو ان جو اصل ڪارڻ اھو آھي تھ ھتي ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ پئسن ۾ڪرپشن ڪئي وئي جيڪا مونکان برداشت نه ٿي ۽ مان ان تي پنھنجي قيادت کي آگاھ ڪندو رھيس ۽ مورو جي شھر ۽ ان جي شھرين جي لاءِ حق جي ڳالھ ڪندو رھيس جيڪا ڪجھ ماڻھن کان برداشت نه ٿي جنھن ڪري مان اڄ نيشنل پيپلز پارٽي چيئرمين غلام مرتضى جتوئي، مسرور احمد خان جتوئي، عاقب خان جتوئي کي مان ڏيندي اين پي پي ۾ شموليت جو باقائدا اعلان ڪريان ٿو ۽ اڄ کانپوءِ منھنجو جيئڻ مرڻ جتوئي خاندان سان آھي ۽ مان پنھنجي ووٽرن جي مدد سان نيشنل پيپلز پارٽي جي سڀني اميدوارن کي کٽرائي ايوانن تائين پھچائيندس، ان موقعي تي اين پي پي جي چيئرمين غلام مرتضا جتوئي حاجي خان ڀٽي جا پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ٿورا مڃيندي چيو ته پ پ ۾ ڪنھن به سٺي ماڻھو جو قدر ناھي پ پ کي اھي ماڻھو پسند ايندا آھن جيڪي کائو ۽ کارايو واري نعري تي عمل ڪن، گذريل پنجن سالن ۾ پ پ حڪومت عوام کي بک بدحالي ڪرپشن کانسواءَ ڪجھ به نه ڏنو ادارن کي تباھ ڪيو ويو ھن چيو ته ھن وقت سنڌ ۽ پاڪستان نازڪ دور مان گذري رھيو آھي اگر ھن اليڪشن ۾ عوام سوچي سمجھي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو ته پاڪستان جو خدا حافظ آھي ان موقعي تي ببلو ڀٽي، غلام اللھ ميمڻ، شفيع محمد ڀٽي، حافظ شمس الدين سرھيو، نانو عرف علي بخش ڪلھوڙوجاويد مصطفى ڪانڌڙو، حاجي اسلم آرائين، ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا ان کان اڳ جلسي گاھ پھچڻ تي غلام مرتضا جتوئي. مسرور احمد خان جتوئي ۽ عاقب خان جتوئي جو والھانا استقبال ڪيو ويو ۽ کين مٿان گلن جي ورکا ڪئي ۽ حاجي خان ڀٽي مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button