مورو: ٽي مهينا اڳ ٺهيل روڊ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب ٽٽي ڀري ۽ تباھ
جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٽي مهينا اڳ ٺهيل روڊ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب ٽٽي ڀري ۽ تباھ ٿي ويو، ٺيڪيدار ۽ انجنيئر پاران ڪروڙين روپين جو گبن ٺيڪيدار ۽ انجنيئر فرار، ڳوٺاڻن کي موتمار ڌمڪيون، ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل انڪوائري جو مطالبو، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، تفصيل موجب مورو ڀرسان ڪچي جي علائقي سنڌوءَ درياءَ جي ڪناري تي قائم قديم ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ تازو ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺهيل روڊ ٽٽي ڀري مڪمل ختم ٿي ويو آهي اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي استاد بهاول لغاري، اياز حسين لغاري، غازي خان لغاري، ڊاڪٽر قربان لغاري، قلب علي لغاري، امتياز لغاري، صدام حسين لغاري، ممتاز علي لغاري، امير علي لغاري، ابراهيم ماڇي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پ پ جي دور حڪومت ۾ هن ڳوٺ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو روڊ منظور ٿيو ۽ ان روڊ منظور ٿيڻ تي ڳوٺاڻن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇائنجي وئي هئي پر هتان جي ڪامورن، انجنيئر ۽ ٺيڪيدار پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري روڊ ۾ مڪمل غير معياري، ناقص مٽيريل ۽ قومي شاهراھ جو اکڙيل چاپڙن استعمال ڪري روڊ کي ايڪڙ ٻيڪڙ جي طريقي سان مڪمل ڄاڻائي ڪاغذن ۾ اعلى ڪوالٽي جو اعلى مٽيريل سان سٺو روڊ جو ڪم ڏيکاري ڪروڙين روپيا هڙپ ڪري فرار ٿي ويا، هي روڊ مڪمل ٽن مهينن ۾ مڪمل ٽٽي ڀُري اکڙي ويو ۽ پٿر ظاهر ٿي ويا آهن ۽ هن روڊ تي ٺيڪيدار کي 9 پاڻي جي لنگھ جون موريون ٺاهڻيون هنيون پر انهن مان تي موريون غير معياري ۽ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ تي اهي به ٽٽي ۽ ڀري ويون هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هن روڊ ۾ مورو شهر جي وچ مان ٺهندڙ نالي مٿان پٽيل روڙو ۽ قومي شاهراھ تان اکڙيل چاپڙ کڻي هن روڊ۾ استعمال ڪيا ويا ۽ هن روڊ تي ڊامڀر وڇائڻ جي بجاءِ پٿرن مٿان ڪارو تيل هاري فرار ٿي ويا شڪايتون ڪرڻ تي اسان ڳوٺاڻن کي موتمار ۽ هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن هنن چيو ته هن اکڙيل روڊ تان گذرڻ جي لاءِ اسان ڳوٺاڻن کي تمام ڏکيائي پيش اچي رهي آهي ۽ ڪو به بيمار ماڻهو شهر ڏانهن کڻي نه ٿا وڃي سگهون ڇو جو روڊ ۾ کڏا ۽ کُٻا هئڻ ڪري بيمار ماڻهو رستي ۾ فوت ٿي وڃي ٿو، هنن چيو ته اسان سدائين پ پ ووٽ ڪيا آهن ۽ پ پ جي دور حڪومت ۾ اسان کي مليل تحفو هڪ عذاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيل آهي ۽ اسان اهڙي درخواست ڪورٽ ۾ پڻ داخل ڪرائي آهي هنن سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، حڪومت ۽ اعلى عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي ڳوٺ لغاري نبجراڻي ۾ ٺهيل روڊ جي انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ روڊ ۾ ناقص ۽ غير معياري مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار ۽ انجنيئر ۽ ڪامورن خلاف سخت قدم کڻي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ ٻن ڪلوميٽرن وارو روڊ ٻيهر سٺي اعلى ڪوالٽي جي مٽيريل سان نئين سِر تعمير ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسان کي سک جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي.